Book Name:Zindgi Ka Maqsad

هلڻ شروع ٿي وڃون ته الله پاڪ جي رحمت سان اُميد آهي ته اسان پنهنجي مقصدِ حقيقي ۾ ڪامياب ٿي الله پاڪ جي رحمتن جا حق دار بڻجي وينداسين۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ انبياءِ ڪرام، صحابَه ڪرام، تابعينِ عظام ۽ اولياءِ ڪرام جي نقشِ قدم تي هلڻ جي ترغيب ڏني ويندي آهي، اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نيڪ بڻجڻ ۽ فڪرِ آخرت ۾ تڙپڻ جو ذهن بڻجندو۔ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي سڄي دُنيا ۾ مسلمانن کي نيڪي جي ڪمن ڏانهن گامزن ڪري رهي آهي، اتي گورنمنٽ ۽ پرائيويٽ اسڪولز، ڪالجز، يونيورسٽيز ۽ مُختلِف تعليمي اِدارن سان وابسته ماڻهن کي دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪندي انهن کي سُنّتن جي مُطَابِق زِندگي گُذارڻ جي لاءِ مجلس شعبه تعليم جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جو بُنيادي مَقصَد انهن اِدارن سان وابسته ماڻهن کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪندي سُنّتن جي مُطَابِق زِندگي گُذارڻ جو مدني ذِهن ڏيڻو آهي، اها مجلس ڪالجز ۽ يونيورسٽيز جي استادن (Teachers) ۽ شاگردن (Students) سان سٺين سٺين نيتن سان تعلقات قائم ڪري انهن کي نبي ڪريم، روف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي سُنّتن سان روشناس ڪرائيندي آهي، گڏوگڏ تعليمي اِدارن ۾ مدني اِنعامات جو سِلسِلَو جاري ڪندي ۽ هاسٽل ۾ مدرسةُ المدينه بالِغان قائم ڪري ان مُستَقبِل جي مِعمارن کي تعليمِ قرآن جي لازوال دولت سان مالامال ڪندي ۽ انهن جي دِيني ۽ اَخلَاقي تَربِيت جي هر مُمڪن ڪوشش ڪندي آهي۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن شعبي سان وابسته هزارين عاشقانِ رسول جي انفرادي ڪوشش جي برڪت سان هاڻي تائين ڪيئي مسلمان گناهن کان توبه ڪري نمازي ۽ سُنّتن جا عادي بڻجي چڪا آهن۔ الله ڪريم تمام مجلسن کي خوب خوب برڪتون عطا فرمائي۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                           اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد