Book Name:Zindgi Ka Maqsad

ادا ڪندا هئا پوءِ پنهنجي پنهنجي جڳھ وڃي نفل ۾ مشغول ٿي ويندا هئا۔ 40 ڏينهن کان پوءِ ان حبشي بزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيائون: اي عامر! ڪهڙي شيء اوهان جي لاءِ هلاڪت جو سبب آهي؟ فرمايائون: مون کي الله پاڪ کان حياء اچي ٿو ته ان جي علاوه ڪنهن ٻي شيء کان خوف ڪيان۔

هڪ ڀيري حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيمار ٿيا ته روئڻ لڳا۔ عرض ڪيو ويو: اوهان ته وڏا پرهيزگار ۽ زاهد آهيو پوءِ ڇو پيا روئو؟ فرمايائون: مان ڇو نه روئان ۽ مون کان وڌيڪ روئڻ جو حقدار ڪير آهي؟ الله پاڪ جو قسم! مان دنيا ڇڏڻ تي يا موت جي سختي سبب نه پيو روئان بلڪ مان ته ان ڪري روئي رهيو آهيان ته سفر وڏو ۽ زادِ راه گھٽ آهي۔ (يعني آخرت جو سفر تمام ڊگھو آهي ۽ مون وٽ نيڪيون نه آهن)

حضرت سيدُنا مالڪ بن دِينار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ شخص ڪنهن کي خواب ۾ نِدا ڏيندي ٻڌو ته ماڻهن کي آگاھ ڪري ڇڏيو حضرت سيدُنا عامر بن عبدالله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي الله پاڪ سان ملاقات ٿيندي ۽ جنهن ڏينهن انهن جي ملاقات ٿيندي ان ڏينهن انهن جو چهرو چوڏهين جي چنڊ جيان روشن هوندو۔

(حلية الاولياء، ۱/۱۴۲ تا ۱۵۰ ملتقطاً و بتغير)

تُو گناہوں کو کر مُعاف اللہ!                               میری مَقبول معذرت فرما!

ہو نہ عطّار حَشْر میں رُسوا                   بےحِساب اِس کی مغفرت فرما!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً الله وارن جو انداز نِرالو هوندو آهي۔ جيئن ته اهي نيڪ ٻانها زندگي جي حقيقت کان واقف هوندا آهن، ان ڪري پنهنجي زندگي جو هڪ ئي مقصد نگاھ اڳيان رکندا آهن اهو آهي الله پاڪ جي عبادت