Book Name:Zindgi Ka Maqsad

سانپ بچّھو قَبْر میں گر آگئے!                               کیا کرے گا بے عمل گر چھا گئے!

کھلکھلا کر ہنس رہا ہے بےخبر!                                قَبْر میں روئے گا چیخیں مار کر

کر لے توبہ رَبّ کی رَحْمت ہے بڑی                        قَبْر میں ورنہ سزا ہوگی کڑی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! اهو سمجھڻ نهايت ضروري آهي ته اسان کي ڪنهن مقصد جي لاءِ بڻايو ويو آهي؟ ڇوته جيستائين ڪنهن شيء جو مقصد سمجھ نه اچي ان جو درست استعمال به نٿو ٿي سگھي۔

اسان مان ڪيئي اهڙا هوندا جن وٽ موٽر سائيڪل (Motorbike) هوندي، ڪيئي اهڙا به هوندا جن وٽ گاڏي هوندي، سوچيو! گاڏي ڇو بڻائي ويندي آهي؟ ان جو مقصد اهو هوندو آهي ته ٻانهو ان ۾ آساني سان سفر ڪري سگھي ۽ جلد کان جلد پنهنجي منزل تي پهچي وڃي، گاڏي جڏهن سواري جي قابل ناهي رهندي، تنگ ڪرڻ لڳندي آهي ته ان کي وڪڻيو ويندو آهي، يعني جيڪا شيء جنهن مقصد جي لاءِ بڻائي وڃي جيڪڏهن اها هن مقصد ۾ ڪم ايندي آهي ته اسان جي ڪم جي رهندي آهي ۽ جڏهن اها هن مقصد کان هٽي ويندي آهي تڏهن ان کي ڇڏيو ويندو آهي، ان جي ضرورت ختم ٿي ويندي آهي۔

اهڙي طرح قلم جو مثال وٺو، ڪيئي عاشقانِ رسول ان کي پنهنجي سيني سان لڳائي رکندا آهن، پر ڪيستائين؟ جيستائين اهو لکندو رهندو آهي، جيئن ئي قلم لکڻ بند ڪري ان جو مقصد ختم ٿي وڃي ته ڪو ان کي سيني سان ناهي لڳائيندو۔

اهڙي طرح پيرن ۾ جوتا پاتا ويندا آهن، اهي جوتا پيرن جي زينت تيستائين رهندا آهن جيستائين اهي اسان جي لاءِ آرام ده ثابت ٿيندا آهن، جوتا ان وقت