Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

ان جي پويان به انهن جي مسلسل محنت ۽ ڪوشش جو ئي نتيجو هوندو آهي۔ اسان کي به ڪيولين کان سبق حاصل ڪندي مسلسل ڪوشش کي پنهنجي زندگي جو حصو بنائڻ گھرجي۔ مسلسل ڪوشش سان مشڪل ڪم به آساني کان ٿي ئي ويندو آهي جڏهن ته بغير ڪوشش جي آسان ڪم به تمام مشڪل (Difficult)معلوم ٿيڻ لڳندو آهي۔

ڪوشش ڪٿي ڪريون؟

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! ٭ اسان کي ڪوشش هميشه انهيءَ ڪم ۾ ڪرڻ گھرجي جنهن ۾ دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي هجي، ٭ ڪوشش هميشه انهيء ڪم ۾ ڪرڻ گھرجي جنهن ۾ الله پاڪ ۽ رسول ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا هجي، ٭ ڪوشش هميشه انهيء ڪم ۾ ڪرڻ گھرجي جنهن ۾ دينِ اسلام جي سر بلندي هجي، ٭ ڪوشش هميشه انهيء ڪم ۾ ڪرڻ گھرجي جنهن ۾ مُلڪ ۽ مِلَّت جو فائدو هجي، ٭ ڪوشش هميشه انهيء ڪم ۾ ڪرڻ گھرجي جيڪا سنّتن جي ڦهلاءُ جو سبب بڻي۔ ٭ ڪوشش هميشه انهيء ڪم ۾ ڪرڻ گھرجي جيڪو نيڪين ڏانهن کڻي ويندڙ هجي، قرآنِ ڪريم ۾ الله پاڪ پنهنجي واٽ ۾ ڪوشش ڪرڻ وارن کي ڪاميابي جي خوشخبري ٻڌائي آهي: جيئن سيپاري 21 سوره عنڪبوت آيت 69 ۾ ارشاد آهي:

وَ الَّذِیْنَ جَاهَدُوْا فِیْنَا لَنَهْدِیَنَّهُمْ سُبُلَنَاؕ                      

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ جن اسان جي راھ ۾ ڪوشش ڪئي اسان ضرور انهن کي پنهنجي راھ هلائينداسي

تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري تحت جيڪو لکيل آهي ان جو خلاصو هي آهي ته:

٭ جيڪو الله پاڪ جي فرمانبرداري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ضرور انهن کي پنهنجي ثواب جا رستا ڏيکاريا ويندا۔