Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

آهي جڏهن ته مون وٽ سادو موبائل به ناهي، ڇا مونکي زماني ۾ جيئڻ جو ڪو حق ناهي؟

ڪو چوندو آهي! منهنجي اسڪول/ ڪاليج جا شاگرد (Students) گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ مختلف تفريحي هنڌن تي ويندا آهن، آزادانه گُھمندا وتندا آهن، پر منهنجي پيءُ کي منهنجو ڪو اِحساس ناهي، آخر منهنجا به ڪي جذبات آهن، ڇا مان صِرف گھر جي چاردِيواري ئي ۾ قيد رهان؟۔

ڪو چوندو آهي! منهنجي ساٿين جو لباس نهايت شاندار ۽ قيمتي هوندو آهي، پنهنجي سادي لباس جي ڪري مون کي انهن سان اٿندي ويهندي شرم اچي ٿو۔

ڪو چوندو آهي! منهنجا فلاڻا فلاڻا دوست وڏين وڏين گاڏين ۾ گھمندا ڦرندا آهن.  مون کي گاڏي نه سهي، ته پوءِ گھٽ ۾ گھٽ بائيڪ ئي ڏياري ڇڏيو۔

اي غوث پاڪ جي محبت جي دعوي ڪرڻ وارؤ! ڇا اسان جا اولياء ڪرام والدين جي خدمت نه ڪندا هئا؟ ڇا غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه والده جي فرمانبرداري ڪندي پنهنجا 40 دينار قربان نه ڪيا هئا؟ ڇا بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي رات پاڻي جو گلاس هٿ ۾ کڻي امڙ سائڻ جي بيدار ٿيڻ جو انتظار نه ڪندا رهيا؟ ته پوءِ اسان کي به پنهنجي والدين جي گھڻي خدمت ڪرڻ گھرجي۔ الله پاڪ اسان کي پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

 

 12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني دورو“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هر نيڪ ۽ جائز ڪم ۾ ڪوشش جو جذبو ماڻڻ، عبادتِ الهي جو شوق پنهنجي دل ۾ بيدار ڪرڻ، نيڪين تي استقامت ۽ والدين جي