Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

سستي جي سبب انسان پنهنجي مقصدن کي ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو آهي ۽ امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسلسل ڪوششن جي ڪري پنهنجي دور جا تمام وڏا عالم دين بڻيا، مفتي ۽ قاضي بڻيا۔ ياد رکو! سستي ڪاميابي جي راھ ۾ تمام وڏي رڪاوٽ آهي، اها اهڙي منحوس عادت آهي جو ان جي ڪري سوين ٻيون خراب عادتون پيدا ٿي وينديون آهن۔ طرح طرح جون بيماريون، بلائون ۽ مصيبتون سڀئي انهيء ڪاهلي جي سبب آهن۔ ان ڪري هن عادت کي هرگز هرگز پنهنجي ويجھو اچڻ نه ڏيڻ گھرجي، بلڪ ديني ۽ دنياوي ڪمن ۾ هر وقت هوشيار ٿي رهڻ گھرجي، ڇوته محنتي انسان هر شخص جو پيارو هوندو آهي ۽ ڪاهل (Idler) انسان هر در کان ڌڪا کائيندو آهي۔ ڪاهل انسان نه دنيا جو ڪم ڪري سگھندو آهي نه دين جو انهيء ڪري الله پاڪ جي رحمت بڻجي دنيا ۾ تشريف کڻِي اچڻ وارا نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اها دعا گھرندا هئا ته

اَللّٰھُمَّ اِنِیْ اَعُوْذُبِکَ مِنَ الْکَسْلِ: يعني اي الله! مان ڪاهلي کان تنهنجي پناھ گھران ٿو۔  

(ترمذي، ڪتاب الدعواۃ ، باب ۷۱،رقم ۳۴۹۶،ج۵،ص۲۹۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اصلاحِ امت ۽ امير اهلِ سنّت:

پندرهين صدي هجري جي عظيم عِلمي ۽ رُوحاني شخصيت شيخِ طريقت، امير اهلِ سنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ انهن هستين مان هڪ آهن جن کي الله پاڪ ڪيئي ڪمالات عطا ڪيا آهن جن مان اصلاحِ امت جي جذبي سان سرشاردل، جبلن کان وڌيڪ مضبوط حوصلو، معامله فهمي جي حيرت انگيز صلاحيت، نيڪي جي دعوت ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ (Solve) ۽ مشڪلات کي منهن ڏيڻ جي همّت سرِ فهرست آهن۔  امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ شرعات ۾ اڪيلا ئي منزل ڏانهن هليا هئا، دعوت دين جي هن راھ ۾ ڪيئي رڪاٽون آيون پر پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ صبر ۽ استقامت سان