Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

اطاعت جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ اڄ ئي عاشقان ِرسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺو، ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم مدني دورو به آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هن مدني ڪم جا بيشمار فائدا آهن، مثال طور ”مدني دوري“ جي برڪت سان نوان نوان اسلامي ڀائر مدني ماحول جي ويجھو ٿيندا آهن، ”مدني دوري“ جي برڪت سان بي نمازين کي نمازي بنائڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي۔ ”مدني دوريجي برڪت سان اميرِ اهلسنت جي دعائن مان حصو ملندو آهي۔ ”مدني دوري“ جي برڪت سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو موقعو ملندو آهي۔

12 مدني ڪمن مان هفتيوار مدني ڪم ”مدني دوره“ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رِسالي ”مدني دوره“ جو مطالعو ڪريو، سڀئي دعوتِ اسلامي جا ذميدار، خاص ڪري مجلس مدني قافلي جي نگران ۽ اراڪين ته هن رِسالي جو لازمي مطالعو ڪن۔ اهو رِسالو مڪتبة المدينه تي دَستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان به پڙھي سگھجي ٿو۔

هن رِسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي۔ ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو شرعي حڪم ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جون 13 فضيلتون ۽ فائدا ٭ فروغِ علم جو سبب ٭ مسجدن جي رونق جو سبب ٭ نيڪي جي دعوت کان پهريان جي دعا ٭ مدني دوري جا مدني گل ٭ مدني دوري جو طريقو ٭ مدني دوري جا آداب ٭ مدني دوري بابت مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن جا چونڊ مدني گل وغيره۔

اچو! ترغيب لاءِ ”مدني دوري“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

مسجد آباد ٿي وئي

      بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته اسان جو مدني