Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا ۽ ا ٓخرت ۾ ڪاميابيون ماڻڻ جي لاءِ ڪيئي نيڪ عملن کي لاڳيتو استقامت سان جاري رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ نهايت ضروري آهي۔ ضروري علم ۽ عمل سان گڏو گڏ حَقوق العباد جي ادائگي جي به وڏي اهميت آهي. اسان جي حسن ۽ سلوڪ جا سڀ کان وڌيڪ حقدار اسان جا ماءُ پيءُ آهن، والدين جي اطاعت ۾ ڪوشش به دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابين جو سبب بڻجي سگھي ٿي۔ يقيناً والدين الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهن، انهن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ، انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مشغول رهڻ اهڙي نيڪي آهي جيڪا انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ڪرائي سگھي ٿي، تاريخ شاهد آهي جن ماڻهن پنهنجي والدين جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ ڪوشش ڪئي ته الله پاڪ انهن کي اهڙو مقام ۽ مرتبو عطا فرمايو آهي جو ڪنهن کي تابعين ۾ سڀ کان افضل هئڻ جو مقام مليو ته ڪنهن کي تمام اوليائن جي سرداري نصيب ٿي،ته ڪنهن کي پنهنجي وقت جو مجدد هئڻ جو منصب نصيب ٿيو ته ڪنهن کي الله پاڪ جي رضا جي خوشخبري نصيب ٿي۔ قيامت تائين اچڻ وارن جي دلين ۾ انهن جي محبت بيدار رهندي، اچو! والدين جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ ڪوشش ڪرڻ وارن بُزرگ سڳورن جا (2) واقعا ٻڌون ٿا، جيئن

ماءُ جي خدمت ۽ ولايت جو مرتبو

حضرتِ سَيدُنا بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: سياري جي هڪ سخت رات منهنجي امڙ سائڻ مون کان پاڻي گھريو، پاڻي جو گلاس ڀري کڻي آيس پر اَمڙ کي ننڊ اچي وئي، مون جاڳائڻ مناسب نه سمجھيو، پاڻي جو گلاس کڻي اُنهي انتظار ۾ بيٺو رهيس  ته سجاڳ ٿـين ته پاڻي پيش ڪـيان، بيهي بيهي گھڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ گلاس جو ڪجھ پاڻي وهي منهنجي آڱر تي ڄمي برف بڻجي ويو هو، بهرحال جڏهن منهنجي اَمڙ بيدار ٿي ته مون پاڻي پيش ڪيو، برف جي ڪري منهنجي ڳنڊيل آڱر جيئن ئي پاڻي جي گلاس کان الڳ