Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا جا معاملا هجن يا آخرت جو ميدان، ڪاميابيون ماڻڻ جي لاءِ ڪوشش (Effort) نهايت ضروري آهي۔ ان ڪري چيو ويندو آهي ته ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي۔ اڄ جي بيان ۾ اسان ڪوشش جي اهميت جي باري ۾ ٻڌڻ سان گڏوگڏ اهو به ٻڌنداسين ته ڪن ڪمن ۾ ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ رضاءِ الٰهي حاصل ڪرڻ کان علاوه  ٻي ڪا وڏي ڪاميابي ٿي نٿي سگھي، ايڏي وڏي ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي شيء جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي اهو به اڄ بيان ڪيو ويندو۔ دنيا ۽ آخرت جون ڪاميابيون ماڻڻ جي لاءِ اطاعتِ والدين جي ڪوشش ڪرڻ ڪيتري ضروري آهي اهو به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ مسلسل ڪوشش ڪيتريون وڏيون وڏيون ڪاميابيون ڏياري سگھي ٿي، ان بابت واقعا ۽ ٻيا کوڙ مدني گل به اڄ جي بيان ۾ ٻڌنداسين۔ اچو! ڪوشش جي اهميت تي هڪ سبق آموز حڪايت ٻڌون ٿا: