Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

ڏسي وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي۔ دنياوي مال ۽ دولت جي مَحَبَّت جو غلبو ايتري قدر وڌندو پيو وڃي جو رات ڏينهن ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جاکوڙ ۽ ڪوشش ڪندي ٿورو به نٿا ٿَڪِجون۔

ڇا ڪڏهن ڪنهن کي نيڪيون ڪندي ڏسي اسان جي اندر به نيڪين جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو جذبو بيدار ٿيو؟ ڇا ڪنهن کي مسجد ڏانهن ويندي ڏسي اسان جو به پنج ئي نمازون باجماعت پهرين صف ۾ ادا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو ذهن بڻيو؟ ڪنهن کي سُنّت مُطابق لباس پاتل، چهري تي ڏاڙھي شريف ۽ مٿي تي عمامو شريف سجايل ڏسي ڪڏهن انهن سُنّتن کي اپنائڻ جو جذبو بيدار ٿيو؟ ڪنهن اسلامي ڀاءُ کي مَدَني درس، مدني دورو، هفتيوار اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪندو ڏسي اسان به انهن ڪمن جي لاءِ ڪوشش ڪئي؟ اي ڪاش! ٻين کي نيڪ ڪمن ۾ مشغول ڏسي اسان جي اندر به نيڪ بڻجڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو جذبو (Eagerness) بيدار ٿي وڃي۔ اچو! ذوق عبادت وڌائڻ جي نيت سان هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

سڄي رات عبادت ۽ سڄو ڏينهن روزو

حضرت سيدُنا حبيب نجّار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي رات عبادت ڪندا هئا ۽ سڄو ڏينهن روزو رکندا هئا ۽ افطار جي لاءِ جيڪو کاڌو حاضر ڪيو ويندو هو اهو به ٻين ۾ ورهائيندا ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ سڄي رات بُک واري حالت ۾ عبادت ڪندي گذاريندا هئا۔ جڏهن صبح ويجھو ٿيندي هئي ته عاجزي ۽ انڪساري سان بارگاھ الٰهي ۾ عرض (دعا) ڪندا هئا: مان غفلت جي سمنڊن ۾ ٻڏل رهيس ۽ گناھن جي ميدانن ۾ هلندو رهيس۔ ياالٰهي! هي(حبيب نجار) تنهنجو ذليل، گُنهگار ۽ بيمار ٻانهو تنهنجي  ڪرم واري دروازي تي حاضر آهي ۽ تو کان پناھ جو طلب گار آهي۔ (الروض الفائق،باب في النزيه و ذڪر الصالحين،ص ۲۴۶ ملخصاً)