Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

ڪِيۡوِلي جي ڪوشش!

چون ٿا ته هڪ بادشاھ ڪنهن علائقي کي فتح ڪرڻ جي لاءِ 6 ڀيرا حملا ڪيائين پر اهو علائقو فتح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو۔ جڏهن ان جو آخري حملو به ناڪام ٿي ويو ته اهو ٿڪجي مايوسي جي حالت ۾ ڪمري ۾ آرام ڪرڻ جي اِرادي سان ليٽي پيو۔ لاڳيتو ناڪام ٿيڻ وارن حملن جي باري سوچندي اوچتو ان جي نگاھ ڪمري جي ديوار تي چڙھندڙ هڪ ڪِيۡوِلي تي پئي۔ جيڪا هر هر ڪِرڻ جي باوجود ڀِت تي چڙھڻ جو ارادو نه پئي ڇڏي، ڪيئي ڀيرا ته اها ديوار (Wall) جي آخري ڪناري تي تمام ئي ويجھو پهچي ويندي هئي پر وري هيٺ ڪري پوندي هئي ۽ ٻيهر ديوار تي چڙھڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندي هئي۔ آخرڪار وڏي جاکوڙ ۽ ڪوششن کان پوءِ اها پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وئي۔ چيو ويندو آهي ته ان بادشاھ جڏهن ڪِيۡوِلي جي اهڙي لاڳيتي ڪوشش ڏٺائين ته ان سمجھي ورتو ته ”ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي“ ان کان پوءِ ان بادشاھ نئي جوش ۽ جذبي سان ٻيهر حملو ڪيائين ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڪيولي جي ڪوشش مان سبق حاصل ڪريو

اي عاشقانِ رسول! هن حڪايت مان اهو سبق مليو ته لڳاتار ڪوشش ۽ محنت ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور رنگ آڻيندي آهي، پنهنجي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ هڪ ڪيولي جو ڪردار اسان جي لاءِ مشعلِ راھ آهي، هن مان مشاهدو ٿيو   ته منزل ڪيڏي ئي وڏي ۽ مشڪل ڇو نه هجي، ڪيولي اَٽل ارادي سان پنهنجي مقصد ڏانهن وڌندي آهي ۽ وڏي کان وڏي بُلندي حاصل ڪري پوءِ ئي ساھ پٽندي آهي۔ اهو به مشاهدو ٿيو ته معمولي جسامت رکڻ واريون ڪجھ ڪيوليون گڏجي وڏي وڏي اناج جا داڻا پنهنجي ٻِر ۾ ڇڪي کڻي وينديون آهن،