Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

قافلو پنجاب جي هڪ شهر جي مسجد ۾ پهتو۔ دروازي تي تالو لڳل هو، دروازو کوليو ته هر شيء تي مٽي ئي مٽي هئي، ائين معلوم ٿي رهيو هو ته ڄڻ ڪافي عرصي کان مسجد بند هجي، اسان گڏجي صفائي ڪئي، نمازِ عصر کان بعد مدني دوري جي لاءِ راند جي ميدان ۾ پهتاسين ۽ راند ۾ مشغول نوجوانن کي نيڪي جي دعوت ڏني۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! ڪيئي نوجوان هٿوهٿ اسان سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويا، مسجد ۾ اچي اسان سان گڏ نماز پڙھڻ ۽ سنّتن ڀريو بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪياؤن،انفرادي ڪوشش سبب مسجد کي آباد ڪرڻ جي نيت ڪري ورتاؤن. اهو منظر ڏسي اُتي موجود هڪ بزرگ روئڻهارڪو ٿي چوڻ لڳو: مان ته ماڻهن کي مسجد آباد ڪرڻ جو چوندو رهندو هئس، پر منهنجي ٻڌي ڪير؟  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اَڄ عاشقانِ رسول جي مدني قافلي ۽ مدني دوري جي برڪت سان اسان جي مسجد آباد ٿي وئي۔

 

نہ نیکی کی دعوت میں سُستی ہو مجھ سے                       بنا    شائقِ       قافِلہ     یاالٰہی

                                                                                          (وسائلِ بخشش مرمم،ص۱۰۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقان اولياء! اسان ٻڌي رهيا آهيون ته ڪوشش ڪرڻ وارا ڪيئن ڪامياب ٿيندا آهن، عبادت جي لاءِ علم جي ضرورت ۽ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪيتري ضروري آهي، اچو! هڪ تمام وڏي عالم جو واقعو ٻڌون ٿا ته ان جي ڪوششن جي سبب ان تي ڪهڙو ڪرم ٿيو.:

ڪوشش ڪرڻ وارو ڪامياب طالبِ علم

      حضرت سيدنا علامه سَعدُالدين تَفتازَاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن جا ڪتاب درسِ نظامي (عالم ڪورس) جي نصاب ۾ شامل آهن۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قاضي عبدالرحمٰن شيرازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مدرسي ۾ سڀ کان وڌيڪ گھٽ ذهن