Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

وَ رِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ اَكْبَرُؕ

ترجمو: ۽ الله جي رضاء سڀ کان وڏي آهي. (پ۱۰،التوبہ :۷۲)

      معلوم ٿيو ته رضاءِ الٰهي کان وڏي ٻي ڪابه ڪاميابي نٿي ٿي سگهي. رضاءِ الٰهي جهڙي ڪاميابي ڪيئن حاصل ٿي سگهي ٿي؟ ان جي لاءِ ڪهڙي ڪوشش ڪرڻ ضروري گهرجي، اچو ان جي متعلق ٻڌون ٿا.!

 

رضاءِ الٰهي جي لاءِ عبادت

ياد رکو! رضاءِ الٰهي جهڙي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري علم حاصل ڪري ان جي مطابق الله پاڪ جي عبادت  ڪرڻ گهرجي. ڇوته ٭ عبادت جي  قبوليت جي لاءِ ضروري آهي اها انهيء انداز کان ڪئي وڃي جهڙي طرح عبادت ڪرڻ جو حڪم آهي۔ ٭ عمل حاصل ڪري الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ شيطان جي چنبي کان نڪرڻ جو طريقو آهي. v عمل حاصل ڪري الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ ان جو  قربِ ماڻڻ جو سبب آهي۔ ٭ عمل حاصل ڪري الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ گناهن جي مرض کان شفا ماڻڻ جي دوا آهي۔ ٭ عمل حاصل ڪري الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ ظاهر ۽ باطن جي اصلاح جو سبب آهي۔ v عمل حاصل ڪري الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ روح جي تازگي   جو سبب آهي، ٭ عمل حاصل ڪري الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ اهو ذريعو آهي جيڪو انسان کي الله پاڪ جي قريب ڪندو آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو اسان جا بزرگ سڳورا رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی هر وقت  علم ۽ احڪامِ شريعت جي مطابق الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف رهندا هئا ۽ فرض ۽ واجبات کي ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ نفلن جي ڪثرت ڪري رضاءِ الٰهي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهندا هئا، اچو! بزرگان دين جي عبادت جا واقعا ٻڌون ٿا، جيئن

  انسانن ۽ جنن جي غوث، حضور غوث الثقلين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چاليھ سالن تائين