Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

ڪرڻ جي لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي مضمونن تي مشتمل ماهوار فيضانِ مدينه جو جاري ٿيڻ ۽ ٭ ماڻهن جي  روزانو پيش ايندڙ مسئلن کي بروقت شرعي حل جي لاءِ دارُالافتاء جو قيام سرفهرست آهي۔ جڏهن ته عالَمِ اسلام جو 100 فيصد گناهن کان پاڪ اسلامي چينل ”مدني چينل“ ته گهر گهر پهچي اهڙي انداز ذريعي نيڪي جي دعوت عام ڪري رهيو آهي جو ان کي هڪ سيڪنڊ ڏسڻ وارو به ان جي برڪتن کان محروم ناهي رهندو، چاهي اهو ٻار هجي يا وڏو، مرد هجي يا عورت، ڄڻ ته هر هڪ مدني چينل جي برڪتن سان علم دين حاصل ڪري رهيو آهي.    107 شعبن ۾ مختلف انداز سان سنتن جي خدمت ۽ نيڪي جي دعوت پهچائڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري آهي. دعوت اسلامي جهڙي فعال غير سياسي تحريڪ انقلابي ڪارنامن جي هڪ ناقابل فراموش تاريخ کي پنهنجي اندر سمائي رکيو آهي۔ اميراهلسنتدَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ديني خدمتن جي سلسلي ۾ ڪيون ويندڙ اهي ڪوششون سج جيان روشن آهن جن جو اعتراف اڄ سڄي دنيا ۾ ڪيو پيو وڃي۔

      الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم، نگاھِ مصطفٰي، امير اهلسنت جي اخلاص، سندن جي ڏينهن رات جي ڪوششن، علماءِ اهلسنت جي دعائن ۽ فيضانِ اولياء سان عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي وڏي تيزي سان جانبِ مدينه ڊوڙندي پئي وڃي، الله پاڪ اسان کي هن مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري  دين اسلام جي سربلندي جي لاءِ پنهنجو وقت ۽ پنهنجو مال پيش ڪرڻ جي توفيق نصيب فرماءِ.  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْن صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ 

مجلس مڪتبة المدينه

  عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي دنيا ڀر ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي لاءِ 107 شعبن ۾ دين متين جو ڪم ڪري رهي آهي انهن شعبن ۾ هڪ شعبو ’’مجلس مڪتبة المدينه‘‘ به آهي، اُمَّتِ مسلمه تائين شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا