Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

٭ جيڪي ماڻهو توبه ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪندا، ضرور انهن کي اخلاص واريون راهون ڏيکاريون ويندون۔

٭ جيڪي ماڻهو علم حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪندا، ضرور انهن کي عمل جون راهون ڏيکاريون وينديون۔

٭ جيڪي سنت کي قائم ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪندا، انهن کي جنت جون راهون ڏيکاريون وينديون۔ (صراط الجنان، ۷/۴۰۹) 

اي عاشقانِ رسول! هن آيت سڳوري ۽ هن جي تفسير مان معلوم ٿيو ته جيڪو چڱو ڪم ڪندو اهو ان جو ڦل به چڳو ئي ماڻيندو۔ الله پاڪ جي رحمت سان اميد آهي ته ٭ جيڪو شَخص والدين (Parents) جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ ڪوشش ڪندو ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابيون ان جا قدم چمنديون۔ ٭ جيڪو مسلمانن جي خير خواهي جي ڪوشش ڪندو آخرت جا مرحلا ان جي لاءِ آسان ٿيندا ويندا، ٭ جيڪو صدقو ڏيڻ ۾ ڪوشش ڪندو رهندو ان جي مال ۾ برڪت ٿيندي رهندي، ٭ جيڪو گناهن کان توبه ۾ ڪوشش ڪندو ان کي اِخلاص جي دولت نصيب ٿيندي، ٭ جيڪو عمل حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪندو ان کي ميدانِ عمل ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي ۽ ٭جيڪو سنتون اپنائڻ ۽ سنتون ڦهلائڻ ۾ ڪوشش ڪندو ته جنت جهڙي نعمت کي حاصل ڪرڻ ان جو مقدر ٿيندو۔

      هن ۾ شڪ ناهي ته رضاءِ الٰهي کي حاصل ڪرڻ بنيادي مقصد آهي۔ رضاءِ الٰهي جهڙي ڪاميابي نصيب ٿي وڃي ته دنيا به سنورجي ويندي آهي ۽ آخرت به روشن ٿي ويندي آهي۔ ياد رکو! الله پاڪ جي رِضاء سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، انسان کي ڪوشش کانپوءِ ڪاميابين سان نوازڻ وارو مالڪ ۽ مولٰيعَزَّوَجَلَّ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو: