Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

سبب بڻجندي آهي ڇوته ٭ علم ئي انسان کي حلال ۽ حرام جي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي، ٭ فرض علم حاصل ڪرڻ لازم ۽ رضاءِ الٰهي جو سبب آهي   ٭  علم لازم الله پاڪ جي حڪمن کي ڄاڻن جو سبب آهي ٭علم خوف ۾ راحت جو سبب آهي، ٭ علم نبين سڳورن عَـلَـيْهِمُ السَّلَامجو ميراث آهي، ٭ علم هر ولي کي حاصل آهي . ٭علم تنهائي جو ساٿي آهي، ٭ علم جي وجھ سان انسانن جي فضيلت مخلوق تي ظاهر ڪئي وئي آهي. ٭ علم سفر ۾ همنشين آهي  ٭علم تنگدستي ۽ خوشحالي ۾ رهنما آهي. ٭ علم دشمنن جي مقابلي ۾ هٿيار آهي، ٭ علم دوستن ويجھو زينت آهي. ٭ الله پاڪ علم جي ذريعي قومن کي بلندي ۽ برتري عطا فرمائي ڀلائي جي معاملي ۾ قائد ۽ امام بڻائيندو آهي عالم سڳورن جي لاءِ هر خشڪ ۽ تر شيء، سمنڊ جون مڇيون، جاندار، خشڪي جا وحشي جانور ۽ ڍور استغفار ڪندا آهن، ٭ علم جهالت جي مقابلي ۾ دِلين جي زندگي آهي. ٭ علم تاريڪين جي مقابلي ۾ اکين جو نُور آهي. ٭ علم جي ذريعي ٻانهو اولياءِ ڪرام جي منزلن کي ماڻيندو آهي. ٭ علم اهڙو نور آهي جيڪڏهن ڪو گھٽ ذهن به ان کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪندو آهي ته اهو به ڪاميابي جي منزلن کي طئي ڪري وٺندو هو،

ڪوشش ڪامياب ڪرايو ڇڏيو

      امام اعظم ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي شاگرد امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي فرمايائون: توهان ته تمام گھٽ ذهين (Unintelligent) هئا پر توهان جي ڪوشش ۽ استقامت توهان کي اڳتي وڌايو، تنهنڪري هميشه سستي کان بچندو رهجان ڇوته سستي هڪ تمام وڏي آفت ۽ منحوس شيء آهي۔ (راه علم ،۵۳)

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! ڪڙورين حنفين جي پيشوا سَيدنا امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي خاص شاگرد امام ابويوسف رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي وصيت فرمائي رهيا هئا سستي کان بچندو رهجان ڇوته اها تمام وڏي آفت ۽ منحوس شيء آهي، جنهن جي ڪري انسان ڪاميابي کان محروم ٿي ويندو آهي،