Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

ٿي ته ان سان گڏ ان جي کل به الڳ ٿي وئي ۽ رت وهڻ لڳو امڙ سائڻ هي ڏسي ڪري فرماياؤن: هي ڇا؟ مون سڄي حقيقت بيان ڪئي ته انهن هٿ کڻي دعا ڪئي: اي ڪريم رب! آءُ هن کان راضي آهيان تون به هن سان راضي رهجان۔ (سمندري گنبد،ص۴)

اي عاشقان اولياء! بيان ڪيل واقعي مان معلوم ٿيو! حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي والدين جي ڪيتري اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪندا هئا،   اچو! والدين جي فرمانبرداري ڪرڻ واري پيران پير، روشن ضمير،حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو واقعو ٻڌون ٿا،

ڌاڙيلن توبه ڪئي

حضورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ته مان علمِ دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيلان کان بغداد قافلي وارن سان گڏ روانو ٿيس، جڏهن اسان ”همدان“ کان اڳيان پهتاسين ته سَٺ (60) ڌاڙيلن قافلي تي حملو ڪيو ۽ سڄي قافلي کي لٽياؤن، پر ڪنهن مون سان زور زبردستي نه ڪئي، هڪ ڌاڙيل مون وٽ اچي ڪري پڇڻ لڳو: اي ڇوڪرا! تو وٽ به ڪجهه آهي؟ مون جواب ڏنو؛ ها، ڌاڙيل چيو، ڇا آهي؟ مون چيو؛ چاليهه دينار. ان پڇيائين؛ ڪٿي آهن؟ مون چيو؛ گودڙي ۾ (يعني هڙ جي اندر). ڌاڙيل ان ڳالهه کي مذاق سمجهي ڪري هليو ويو، ان کان پوءِ ٻيو ڌاڙيل آيو ۽ ان به اهڙي طرح سُوال ڪيا ۽ مان اهي ئي جواب ان کي به ڏنا ۽ اهو به انهيءَ طرح مذاق سمجهي هليو ويو، جڏهن سڀ ڌاڙيل پنهنجي سردار وٽ جمع ٿيا ته انهن پنهنجي سردار کي منهنجي باري ۾ ٻڌايو پوءِ مون کي اُتي گهرايو ويو، اهي مال جي تقسيم ڪرڻ ۾ مصروف هئا. ڌاڙيلن جي سردار مون کان پڇيو؛ تو وٽ ڇا آهي؟ مون چيو: چاليهه دينار آهن. ڌاڙيلن جي سردار حڪم ڏيندي چيو: هن جي تلاشي وٺو. تلاشي وٺڻ تي جڏهن واقعي اهي دينار نڪتا، ته ان تعجب ڪندي سوال ڪيو ته توهان کي سچ ڳالهائڻ تي ڪهڙي شيء راضي ڪيو؟ مون چيو؛ امڙ سائڻ  جي نصيحت. سردار چيو: اها نصيحت ڪهڙي آهي؟ مون چيو؛ منهنجي امڙ سائڻ مون کان هي واعدو ورتو هو ته مان هميشه سچ