Achy Amaal Ki Barkten

Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

کي جنّت ملندي۔ جيئن الله پاڪ جو سيپاري 30 سورةُ الْبَينَه جي آيت نمبر 7 ۽ 8 ۾ ارشاد آهي:

اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِۙ-اُولٰٓىٕكَ هُمْ خَیْرُ الْبَرِیَّةِؕ(۷) جَزَآؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاۤ اَبَدًاؕ      (پ۳۰،البينه:۷،۸)

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون، اهي سموري مخلوق بهتر آهن، انهن جو انعام سندن رب وٽ ٽڪڻ جا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، جن ۾ هميشه هميشه رهندا.

اهڙي طرح سيپاري 11، سوره يونس آيت نمبر 9 ۾ ارشاد آهي:

اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ یَهْدِیْهِمْ رَبُّهُمْ بِاِیْمَانِهِمْۚ-تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهِمُ الْاَنْهٰرُ فِیْ جَنّٰتِ النَّعِیْمِ(۹) (پ۱۱،يونس:۹)

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن جو رب انهن جي ايمان سبب کين هدايت ڏيندو انهن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون نعمت جي باغن ۾.

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪريو! نيڪ عملن جون ان کان وڌيڪ ٻيون ڪهڙيون برڪتون ٿي سگھن ٿيون جو اسان ان جي ڪري جنت جهڙي عاليشان ۽ هميشه رهڻ واري نعمت به ماڻي سگھون ٿيون۔

تفسير صراط الجنان ۾ لکيل آهي: اهي ماڻهو جيڪي دنيا ۾ الله پاڪ جي عذاب کان ڊڄن ٿا اهي آخرت ۾ جَنّتي وڻن جي ڇانوَ ۽ جنت ۾ جاري چشمن ۾ هوندا ۽ جن ميون مان انهن جي دل چاهي ان مان لذت ماڻيندا ۽ جنتين کي چيو ويندو ته پنهنجي انهن نيڪ عملن جي بدلي ۾ جيڪي توهان دنيا ۾ ڪيا هئا، مزي سان لذيذ ۽ خالص شيون کائو ۽ پيئو۔ ( صراط الجنان،۱۰/۵۰۳)

يقيناً عقلمند اهو ئي آهي جيڪو جنّت جي هميشه رهڻ وارين نعمتن کي هن جهان جي فاني نعمتن تي ترجيح ڏئي ۽ انهن نعمتن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جيڪي هميشه رهڻ واريون آهن۔ يقيناً دُنيا جي مَحَبَّت ۽ مال ۽