Achy Amaal Ki Barkten

Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي جي مدني حلقن ۾ شرڪت ۽ شجره شريف پڙهڻ جون ڪيئي برڪيون آهن، ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ملاحظه فرمايو، جيئن ته

گهريلو  جهڳڙا ختم ٿي ويا

   باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ گهريلو پريشانين ۾ گرفتار هئي، هر روز لڙائي جهڳڙڻ جو سلسلو رهندو هو، جنهن سبب گهر جو سڪون برباد ٿي چڪو هو هوءَ  ان صورتِ حال کان گهڻي پريشان هئي، گهر ۾ سڪون پيدا ٿيڻ جي ڪا واٽ نظر نه پئي آئي. انهيءَ دوران پير و مرشد امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي توجه سان ان کي امير اهلسنت جي عطا ڪيل رسالي”شجره قادريه رضويه ضيائيه عطّاريه“ مان شجره عاليه پڙهڻ جو خيال آيو. بس پوءِ ڇا ٿيو! ان شجره عاليه کي گهريلو پريشانين کي دور ڪرڻ جي نيت سان پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. شجره عاليه پڙهڻ جي برڪت سان ان جا گهريلو جهڳڙا ختم ٿي ويا ۽ گهر امن جو گهوارو بڻجي ويو. (شجره قادريه رضويه عطاريه، ص 153 بتصرف)  

مشکلیں حل کر شہِ مُشکل کُشا کےواسِطے      کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

دنيا دارُالعَمَل آهي  

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي دنيا عمل ڪرڻ جي جڳھ آهي ۽ آخرت دَارُالجَزَاء بدلو ملڻ جو مقام. اسان دنيا ۾ جيڪو چڱو يا بُرو ٻج پوکينديون سين ان جو فصل آخرت ۾ لڻنديون سين، سٺو يا بُرو بدلو ملڻ کي سنڌي ۾ ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“، ”جھڙو ڪندؤ تهڙو ڀريندؤ“، ”جهڙي پوکيندؤ تهڙي لڻندؤ“ جڏهن ته عربي زبان ۾ ”کما تَدِينُ تُدَان“ چيو ويندو آهي۔

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

اها ئي ڳالھ اسان جي شفاعت فرمائڻ واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هنن لفظن ۾ بيان فرمائي آهي: اَلْبِرُّ لا يبْلَي وَالاِ ثْمُ لا يُنْسَي وَالدَّيانُ لَا يمُوتُ فَکنْ کمَا شِئْتَ کمَا تَدِينُ تُدَانُ يعني نيڪي پرُاڻي ناهي ٿيندي ۽ گناھ وساريو ناهي ويندو، جزا ڏيڻ وارو (يعني الله پاڪ) ڪڏهن فنا نه ٿيندو، تنهنڪري جيڪو چاهيو بڻجي وڃو، توهان جهڙو ڪندؤ