Achy Amaal Ki Barkten

Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

جي ذريعي۔ (بخاری، کتاب الرقاق،باب من نوقش الحساب عذب، ۴/ ۲۵۷،حديث: ۶۵۴۰)

هن حديثِ پاڪ ۾ اُنهن اسلامي ڀينرن جي لاءِ دلاسو آهي، جيڪي مَعاشي پريشانين ۾ مبُتلا هئڻ جي باوجود صَدَقو ۽ خَيرات ته ڪن ٿيون پر معمولي شيء صَدَقو ڪرڻ جي ڪري دل ننڍي ڪنديون آهن حالانڪ صَدَقو چاهي گھٽ هجي يا گھڻو، جيڪڏهن حلال مال مان اِخلاص سان ڏنو وڃي ته يقيناً ثواب جي لحاظ کان نهايت ئي سٺو آهي۔ اها ڳالھ پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ته جيڪڏهن مان خرچ ڪندَس ته منهنجي مال ۾ ڪمي ٿي ويندي، مان پنهنجون ضرورتون ڪيئن پوريون ڪندَس؟ منهنجي گھر ۽ ٻارن ٻچن جا خرچ ڪيئن هلندا؟ ياد رکو! اها شيطان جي چال آهي اهو نٿو چاهي ته اسان الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪريون ان ڪري هو اسان کي مال ۾ ڪمي جو خوف ڏياري صدقي کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ اچو! هن شيطاني وار کي ناڪام بڻائڻ ۽ راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ هڪ نهايت ئي پياري حڪايت ٻڌو۔

خرچ ڪريو الله ڪريم عطا فرمائيندو

حضرت سَيدُنا قيس بن سَلع انصاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته سندن ڀائرن حضورِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ان جي باري ۾ شڪايت ڪئي ته هو فضول خرچي ڪري ٿو ۽ ان مُعاملي ۾گھڻو هٿ جو کليل آهي، ته پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي فرمايائون: تنهنجي ڀائرن جو ڇا مسئلو آهي، هو هن گمان تي تنهنجي شڪايت ڪري رهيا آهن ته تون پنهنجي مال ۾ گھڻي فضول خرچي ڪرين ٿو ۽ تنهنجو هٿ گھڻو کليل آهي؟ مون عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان آمدني مان پنهنجو حصو وٺي الله جي راھ ۾ ۽ پنهنجن دوستن ۾ خرچ ڪيان ٿو ته رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي سيني تي هٿ مبارڪ رکي  3 ڀيرا فرمايائون: خرچ ڪر الله توکي عطا ڪندو۔ حضرت سَيدُنا قيس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ان کان بعد جڏهن به مان راھ خدا ۾ نڪرندو هئس ته مون وٽ پنهنجي سواري هوندي هئي ۽ هاڻي مان مال ۽ آسائش ۾ پنهنجي اهلِ خانه (ڀائرن) کان وڌيڪ آهيان۔ (معجم الأوسط، ۶/۲۱۰،حديث:۸۵۳۶)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد