Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي. (ايضاً 41) ٭ پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ (ايضاً 43) ٭ اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو ٭ مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي ـ ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیںاورآداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ
ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار اِجتماع جي بيان جو موضوع هوندو”شيطان جي انسان سان دشمني“ يقينًا هر شخص پنهنجي دشمن جي شر کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ دشمن جيترو وڌيڪ مظبوط هجي، ان کان محفوظ رهڻ جي ايتري ئي وڌيڪ احتياط ڪئي ويندي آهي، انسان جو سڀ کان وڌيڪ ۽ خطرناڪ دشمن شيطان آهي. اولياء ڪرام کان وٺي عام انسانن تائين هرهڪ سان دشمني رکندو ۽ انهن کي ڀٽڪائڻ جي لاءِ طرح طرح جي حيلن ۽ بهانن سان ڪم وٺندو آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ڪيترن ئي مقامن تي شيطان جي دشمني جي سڃاڻپ ڪرائي آهي، آئنده هفتي شيطان جي انسان سان دشمني جي متعلق آيتون، مبارڪ حديثون، بزرگانِ دين جا واقعا ۽ شيطان جي وار کي ناڪام بڻائڻ جا طريقا به ٻڌنديون سين. تنهنڪري آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد