Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
زَر جي خواهش کان بچي جنّت ماڻڻ جي لاءِ عمل ڪرڻ اِنتهائي دُشوار مَرحلو آهي۔ پر جيڪڏهن اسان آخرت ۾ ملندڙ آسانين، خوشين ۽ آسائشن تي نظر رکنديون سين ته يقيناً اسان جي لاءِ عمل ڪرڻ آسان ٿيندو۔ هن کي ائين سمجھو ته جيڪڏهن اسان جي سامهون 100روپيا ۽ هڪ لک روپيا رکيا وڃن ۽ انهن مان هڪ کي کڻڻ جو اِختيار ڏنو وڃي ته يقيناً اسان هڪ لک روپين تي ئي نظر رکنديون سين۔ بلڪل اهڙي طرح دُنيا وَمَافِيها يعني (دُنيا ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ آهي) ان جو مثال 100 روپي جي نوٽ جهڙو آهي۔ جڏهن ته آخرت ۾ ملڻ وارا فائدا ۽ جنَّت ۾ ملڻ واريون نعمتون ته اهڙيون آهن جو جن جو ڪو مٽ ئي ناهي ڇوته دُنيا جي عارضي نعمتن جو جنَّت جي هميشه رهڻ واري نعمتن سان ڪو مُقابلو ئي ناهي۔ اچو ترغيب جي لاءِ ”جنَّت جون ڪجھ بهارون“ ٻڌون ٿيون:
جيڪڏهن جنَّت جي ڪا شيء ننهن برابر دُنيا ۾ ظاهر ٿئي ته تمام آسمان ۽ زمين ان سان سينگارجي وڃن۔ (ترمذي، ڪتاب صفۃ الجنۃ، باب ما جاء في صفۃ أھل الجنۃ،۴/۲۴۱، حديث: ۲۵۴۷) جنّت جون دِيوارون سون ۽ چاندي جي سرن ۽ مُشڪ جي گاري سان بڻيل آهن۔ (مجمع الزوائد، ڪتاب أھل الجنۃ، باب في بناء الجنۃ وصفتها،۱۰/۷۳۲، حديث: ۱۸۶۴۲) جنت ۾ چار دريا آهن، هڪ پاڻي جو، ٻيو کير جو، ٽيون ماکيءَ جو، چوٿون شراب جو، وري انهن مان نهرون نڪري هر هڪ جي مڪان ڏانهن جاري آهن. نهرن جو هڪ ڪنارو موتي جو، ٻيو ياقوت جو آهي ۽ انهن نهرن جي زمين خالص مشڪ جي آهي. (الترغيب والترهيب، ڪتاب صفۃ الجنۃ والنار،فصل في انهار الجنۃ،۴/۳۱۵، الحديث۳۵/۵۷۳۴) جنت ۾ هر قسم جا لذيذ کان لذيذ کاڌا ملندا. جنهن جي خواهش ڪندا فورًا اهو سامهون موجود هوندو۔ (تفسير ابن ڪثير،۷/۱۶۲) جيڪڏهن ڪو پکي ڏسي اُن جو گوشت کائڻ جي خواهش ٿيندي ته انهيءَ وقت ڀُڳل ان وٽ اچي ويندو. (الترغيب وا لترھيب، ڪتاب صفۃ الجنۃ والنار، ۴/۲۹۲، حديث: ۷۳) جيڪڏهن پاڻي وغيره جي خواهش هوندي ته پيالو پاڻهي هٿن ۾ اچي ويندو ۽ ان ۾ صحيح اندازي جي مطابق پاڻي، کير، ماکي هوندي جيڪو پيئڻ واري جي خواهش کان نه هڪ قطرو گهٽ هوندو نه وڌيڪ، پيئڻ کان بعد (اهي پيالا) جٿان آيا هوندا خود بخود هليا ويندا۔ (الترغيب وا لترھيب، ڪتاب صفۃ الجنۃ والنار ، ۴/۲۹۰، حديث: ۶۶) هڪ خُوشبو دار فرحت بخش اوڳرائي ايندي، خوشبودار فرحت بخش پگهر نڪرندو، سڀ کاڌو هضم ٿي ويندو ۽ اوڳرائي ۽ پگهر مان مشڪ جي خوشبو نڪرندي. (مسلم، ڪتاب الجنۃ وصفۃ