Achy Amaal Ki Barkten

Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

ماڻڻ جي لاءِ هر مهيني مدني انعامات جو رِسالو حاصل ڪنديون سين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ۔ هڪ وقت مقرر ڪري روزانو فڪرِ مدينه جي سعادت حاصل ڪنديون سين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه هر مهيني پابندي سان پنهنجي ذميدار کي مدني انعامات جو رِسالو جمع به ڪرائينديون سين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

شهزاده  اعليٰ حضرت جي سيرت جون ڪجھ جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جُماديٰ الاُوليٰ جو مبارڪ مهينو پنهنجي برڪتون لٽائي رهيو آهي، هن مهيني جي 17 تاريخ تي آفتابِ شريعت و طريقت، شهزادهٔ اعليٰ حضرت، حُجَّةُ الاسلام حضرت علامه مولانا حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو يوم عرس آهي، اچو انهيءَ مناسبت سان انهن جو ذڪر خير به ٻڌون ٿيون۔

 حجة االاسلام حضرت علامه مولانا محمد حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ربيع الاول 1292ھ مطابق 1875۾ پنهنجي ڏاڏا جان مولانا مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي گھر بريلي يو پي (هندوستان) ۾ پيدا ٿيا۔ سندن والد امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سندن جو نالو ”محمد“ رکيائون ۽ سڏڻ جي لاءِ ”حامد رضا“ تجويز ڪيائون۔ عوام حجة االاسلام حضرت علامه مولانا محمد حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ”بَڙي مولانا“ چئي سڏيندا هئا جڏهن ته عالم سڳورا ”حجة الاسلام“ جو لقب ڏئي سندن علم ۽ فضل جو اقرار ڪيائون۔ (تذڪره جميل ص ۱۰۶ملخصاً) حجة االاسلام حضرت علامه مولانا محمد حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سمورا ڪتاب پنهنجي والدِ گرامي، اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽان پڙهيا ۽ اوڻيھ (19) سالن جي عمر ۾ عالمِ دين بڻجي ويا۔ (تذڪره جميل ص ۱۰۹،۱۱۰ملخصاً) حجة االاسلام حضرت علامه مولانا محمد حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنجاھ سالن تائين فتوائون لکيائون۔ (تذڪره جميل ص ۱۱۲ملخصاً) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خانقاه قادريه رضويه جا سجاده نشين ۽ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا سچا جانشين هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي پنهنجي والدِ گرامي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان گڏ 1905ع ۾ سفرِ حج جي سعادت ملي۔ حرمين طيبين ۾ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا عِلمي ۽ عَملي ڪارناما ظاهر ٿيا، عَالَمِ اسلام ۾