Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هي دنيا عمل ڪرڻ جي جڳهه آهي اسان هتي جيڪو به عمل ڪنديون سين ان جي سزا يا جزا اسان کي آخرت ۾ ملندي، عمل چڱو هوندو ته ان جي جزا به چڱي ملندي ۽ عمل برو هوندو ته ان جو نتيجو به برو ئي ملندو، اڄ جي بيان ۾ اسان چڱن عملن جي برڪتن جي باري ۾ ٻڌنديون سين، نيڪ عمل جي اهميت بابت به ڪجھ مدني گل بيان ڪيا ويندا۔ هن ۾ شڪ ناهي ته عملن جي جزا جو دارومدار آخرت تي آهي پر دنيا ۾ به چڱن عملن جون برڪتون ظاهر ٿي وينديون آهن، هن باري ۾ ڪجھ واقعا ۽ مدني گل به پيش ڪيا ويندا۔ ان سان گڏوگڏ شهزاده اعليٰ حضرت مولانا حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي يومِ عرس جي مناسبت سان سندن سيرت جون ڪجھ جھلڪيون به بيان ڪيون وينديون۔ ڪاش! سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
صَدَقي ۽ خيرات سان مصيبتون ٽرنديون آهن
منقول آهي ته الله پاڪ جي پياري نبي حضرتِ سيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي