Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
شريف پڙھجان، شايد مون کي ڪجھ افاقو ٿئي ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ جڏهن مون کي دفن ڪريو ۽ منهنجي قبر تي مٽي وجھي چڪو ته اتان کان موٽڻ ۾ جلدي نه ڪجان، بلڪ منهنجي قبر جي سيراندي بيهي ”لَا اِله الا الله محمدرسول الله“ پڙھجان، جو ان سان مون کي منڪر نڪير جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ آساني ٿي سگھي ٿي، ان کان پوءِ هٿ کڻي اها دعا ڪجان: اي مالڪ! هي تنهنجو ٻانهو آهي، هن جيڪي گناھ ڪيا سو ڪيا، جيڪڏهن تون ان کي عذاب ڏئين ته اهو ان جو ئي حق دار آهي ۽ جيڪڏهن تون ان کي معاف ڪري ڇڏين ته اهو تنهنجي شايانِ شان آهي۔ پوءِ مون کي الوداع چوندي واپس موٽي وڃجان۔ ان جي انتقال کان پوءِ پٽ سندن وصيتن تي عمل ڪيو۔ پوءِ ان ٻي رات خواب ۾ پاڻ کي ڏسي پڇيائون: بابا سائين! ڪهڙو حال آهي؟ پاڻ جواب ڏنائون: منهنجا پٽ! معاملو ته ايترو مشڪل ۽ سخت هو جو تون تصور به نٿو ڪري سگھين، جڏهن مان پنهنجي رب ڪريم جي بارگاھ ۾ حساب جي لاءِ بيٺس ته ان فرمايو: منهنجا ٻانها! ٻڌاءِ! منهنجي لاءِ ڇا کڻي آيو آهين؟ مون عرض ڪيو: ياالله! سٺ حج آندا آهن۔ جواب مليو: مون کي ان مان هڪ به قبول ناهي۔ اهو ٻڌي مون تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي۔ الله پاڪ ٻيهر پڇيو: ٻڌاءِ! ۽ ٻيو ڇا آندو اٿئي؟ مون عرض ڪيو: هڪ هزار درهم جو صدقو ۽ خيرات۔ ارشاد ٿيو: انهن مان هڪ درهم به مون کي قبول ناهي۔ مون چيو: يا الٰهي! پوءِ ته مان هلاڪ ٿي ويس ۽ هاڻي منهنجي لاءِ تباهي ۽ بربادي آهي۔ ته ربِّ ڪريم فرمايو: ڇا توکي ياد آهي ته هڪ ڀيرو تون پنهنجي گھر کان ٻاهر ڪيڏانهن وڃي رهيو هُئين جو راھ ۾ تو هڪ ڪنڊو ڏٺو ۽ ماڻهن کي اذيت سان محفوظ رکڻ جي نيت سان اهو ڪنڊو کڻي راھ تان هٽايو هيئي، مون تنهنجو اهو ئي عمل قبول ڪيو ۽ ان جي ڪري تنهنجي بخشش ڪري ڇڏي۔
(حڪايات الصالحين،ص۵۱)
گناہگار طلبگارِ عَفْو و رَحمت ہے عذاب سَہنے کا کس میں ہے حوصلہ یاربّ!
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حڪايت مان اهو درس مليو ته ڪڏهن بظاهر معمولي نظر ايندڙ نيڪي به نجات جو سبب بڻجي سگھي ٿي۔ ان ڪري