Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
۽ پوءِ ٻيهر وڻ تي چڙھڻ لڳو، اسان ان کي پڪڙڻ جي لاءِ وڌياسين ته الله پاڪ ٻه ملائڪ اسان ڏانهن موڪليا۔ انهن اسان کي گردن مان جھلي ۽ اولھ ۽ اوڀر ڏانهن اڇلائي ڇڏيو۔ اهڙي طرح هڪ گرھ صدقو ڪرڻ جي برڪت سان اهو هلاڪت کان محفوظ رهيو۔ (عيون الحڪايات،ص۳۹۵)
کیوں کر نہ میرے کام بنیں غیب سے حسنؔ بندہ بھی ہوں تو کیسے بڑے کارساز کا
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حڪايت مان ٻه مدني گل حاصل ٿيا۔ هڪ مدني گل اهو حاصل ٿيو ته انسان کي معلوم هجي يا نه هجي پر نيڪ عمل جون برڪتون ضرور ٿينديون آهن۔ ها ڪڏهن اهي برڪتون ظاهر ٿي پونديون آهن ۽ ڪڏهن ظاهر ناهن ٿينديون۔ ان ڪري ڪو به نيڪ عمل چاهي ڪيترو ئي ننڍڙو ڇو نه هجي ان کي ترڪ نه ڪرڻ گھرجي۔ نيڪ عملن جو هن دنيا ۾ به فائدو ٿيندو آهي پر اسان کي هر ڀيري نظر ناهي ايندو. آخرت ۾ الله پاڪ جي رحمت سان ضرور ان جو فائدو ٿيندو ۽ اسان کي نظر به ايندو۔ هڪ ڪامل مسلمان جي نشاني به اها ئي آهي ته هو نيڪ عمل ماڻهن کي ڏيکارڻ، دنيا جو فائدو ماڻڻ يا پنهنجي واهه واهه ڪرائڻ جي لاءِ ناهي ڪندو بلڪه فقط الله پاڪ جي رضا ۽ خوشي ان جي پيش نظر هوندي آهي۔ انهيء اخلاص جو ڦل ان کي دنيا ۾ به ڪڏهن نظر اچي ويندو آهي۔ جيئن ته اسان هن حڪايت ۾ ٻڌو۔
ٻيو مدني گل هن حڪايت مان اهو معلوم ٿيو ته صدقو ڏيڻ جون گھڻيون برڪتون آهن، صدقو ڏيڻ سان بلائون ٽرن ٿيون، صدقو ڏيڻ سان مصيبتون پري ٿين ٿيون، ۽ صدقو ڏيڻ سان پريشانيون ختم ٿين ٿيون، صدقو ڏيڻ سان بيمارين کان نجات ملندي آهي۔ تنهنڪري راھ خدا ۾ دل کولي خرچ ڪرڻ گھرجي۔ صدقو خيرات ڪرڻ جو اهو مطلب ناهي ته اسان جيستائين امير ۽ مالدار نه ٿي وڃون، خوب بينڪ بيلنس نه بڻائي وٺون، سٺو گھر ۽ گاڏي نه وٺون ان وقت تائين صدقو ئي نه ڪريون بلڪ اسان کي جيتري اِستِطاعَت آهي ان جي مطابق ننڍڙي شيء به خالص الله پاڪ جي لاءِ خرچ ڪنديون سين ته ان جو فائدو دنيا ۾ به ملندو ۽ آخرت ۾ به نَجات جو سبب ٿيندو جيئن ته فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: اِتَّقُواالنَّارَ وَلَوْ بِشِقِّ تَمْرَۃٍ يعني باھ کان بچو، توڙي جو کجور جي هڪ ٽڪري (کي خيرات ڪرڻ)