Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته جڏهن موت ايندو آهي ته اهل و عيال، رشته دار ۽ دوست احباب سڀئي هتي رهجي ويندا آهن۔ صرف مردي کي تنگ ۽ انڌيري قبر ۾ لاٿو ويندو آهي۔ ها صرف عمل ئي اهڙي شيء آهي جيڪو قبر ۾ ڪم ايندو آهي۔ اهي مٽ مائٽ جن کي چين واري ننڊ سمهارڻ جي لاءِ پنهنجون ننڊون قربان ڪيون وينديون آهن، جن جو مستقبل بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏني ويندي آهي، جن جي سهولتن جي لاءِ پنهنجو چين ۽ قرار وڃائڻو پوندو آهي۔ جيئن ئي زندگي جو سفر ختم ٿيڻ لڳندو آهي انهيءَ گھر وارن کي پنهنجي فڪر ستائڻ لڳندي آهي، مستقبل جي غيريقيني صورتحال انهن کي غمگين ڪندي آهي۔ عام طور صورتحال هي آهي ته هر عزيز هن فڪر ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ته منهنجو ڇا ٿيندو۔ هن ڳالھ جو فڪر شايد ڪنهن کي ناهي هوندو ته مرڻ واري سان ڇا ٿيندو۔ بدقسمتي سان ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ميت اڃان گهر ۾ رکيل هوندي آهي ۽ ميت جا وارث ان جي جائيداد ۽ پيسن جي تقسيم جي لاءِ وڙهي رهيا هوندا آهن، اي ڪاش! مرڻ واري کان عبرت حاصل ڪندي اسان پنهنجي موت جي تياري ۾ لڳي وڃو. ان ڪري اڄ وقت آهي پنهنجي ايندڙ وقت جو فڪر ڪريو، ۽ ڪرڻ گهرجي. نيڪ عمل جي صورت ۾ برزخ ۽ آخرت ۾ ڪم ايندڙ نيڪيون گڏ ڪرڻ گهرجن۔ هن ڳالھ کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته مرڻ کان بعد صِرف ۽ صِرف نيڪ عمل ڪم ايندا، بُلند وبالا گھر، عالي شان مَحل، اُچا اُچا مڪان، مال ۽ دولت جي ڪثرت، بينڪ بيلنس، وڏو ڪاروبار، وڏا وڏا پلاٽ، سرسبز فصل ۽ خوشنما باغ، انهن مان ڪجھ به قبر ۾ گڏ نه ويندو۔ بلڪ اهو سڀ جو سڀ هتي ئي رهجي ويندو۔
حضرت سيدنا محمد بن حسين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون حضرت سيدنا ابو معاويه اسود رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي آڌي رات جو ڏٺو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسلسل روئي رهيا هئا ۽ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زبان مبارڪ تي هي نصيحت ڀريا جملا جاري هئا: ٭ خبردار! جنهن شخص دنيا ئي کي پنهنجو عظيم مقصد بڻائي ورتو ۽ هر وقت انهيء کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳل رهيو ته سڀاڻي بروزِ قيامت