Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
نعيمها وأھلها، باب في صفۃ الجنۃ ... إلخ، ص۱۱۶۵، حديث: ۷۱۵۲ ملخصاً) جيترو کائيندو ويندو ذائقي ۾ ڪمي نه ٿيندي بلڪه واڌارو ٿيندو، هر گرهه ۾ ستر مزا هوندا، هر مزو ٻئي کان مختلف هوندو، اهي سڀ مزا هڪ ئي وقت ۾ محسوس ٿيندا، هڪ جو احساس ٻئي سان رڪاوٽ نه ٿيندو۔ (مسلم، ڪتاب الجنۃ وصفۃ نعيمھا وأھلھا، باب في دوام نعيم أھل... إلخ،ص۱۱۶۶حديث: ۷۱۵۸) جَنّتي پاڻ ۾ ملڻ چاهيندا ته هڪ جو تَخت ٻئي وٽ هليو ويندو۔ (الترغيب والترھيب، ڪتاب صفۃ الجنۃ والنار، ۴/۳۰۴، حديث: ۱۱۵) جڏهن جنتي جنت ۾ ويندا ته الله پاڪ انهن کي فرمائيندو؛ ”ڪجهه ٻيو به چاهيو ٿا جيڪو اوهان کي ڏيان“ عرض ڪندا؛ تو اسان جا چهرا روشن ڪيا، جنّت ۾ داخل ڪيو، جهنّم کان نجات ڏني، ان وقت پردو جيڪو مخلوق تي هيو، کڄي ويندو ته ديدارِ الهٰي کان وڌيڪ انهن کي ڪائي شيء نه ملي هوندي۔ (مسلم، ڪتاب الإيمان، باب إثبات رؤيۃ المومنين في الآخرۃ...إلخ، ص۹۵، حديث:۴۴۹)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
اي جنت جون طلبگار اسلامي ڀينرون! جنت ۽ ان جون اهي بهترين نعمتون اسان جو به مقدر بڻجي سگھن ٿيون جڏهن ته اسان سٺن عملن ۽ خوب خوب نيڪيون ڪرڻ واريون بڻجي وڃون۔ ڪجهه نيڪ عمل اهڙا هوندا آهن جيڪي بظاهر ننڍڙا محسوس ٿيندا آهن پر انهن جون اهڙيون اهڙيون برڪتون ظاهر ٿينديون آهن جو عقل حيران ٿي ويندو آهي۔ اچو! هن بابت هڪ روايت ٻڌون ٿيون:
راهه تان ڪنڊو هٽائڻ بخشرائي ڇڏيو
الله پاڪ جا ولي حضرت سَيدُنا منصور رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جڏهن مرض الموت ۾ مبتلا ٿيا ته روئڻ لڳا ۽ ايترا بيقرار ٿيا، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار جي موت تي بيقرار ٿيندي آهي۔ ماڻهن پڇيو: حضرت! اوهان ڇو روئي رهيا آهيو؟ جڏهن ته اوهان ته وڏي پاڪيزه ۽ پرهيز گاري واري زندگي گذاري آهي ۽ اَسّي سال (80) پنهنجي رب ڪريم جي عبادت ۽ بندگي ڪئي آهي۔ پاڻ فرمايائون: مان پنهنجي گناهن جي نحوست تي لڙڪ وهائي رهيو آهيان، جن جي ڪري مان پنهنجي رب ڪريم جي رحمت کان پري آهيان۔ اهو فرمائي پاڻ ٻيهر روئڻ لڳا۔ پوءِ ڪجھ دير کان پوءِ پنهنجي پٽ سان مخاطب ٿي فرمايائون: منهنجا پٽ! منهنجو چهرو قبلي ڏانهن ڪيو ۽ جڏهن منهنجي پيشاني تان قطرا ظاهر ٿيڻ لڳن ۽ منهنجي اکين مان لڙڪ وهي پون ته منهنجي مدد ڪجانءِ ۽ ڪلمو