Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
ان کي وڌيڪ غم ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو۔ ٭ جيڪو شَخص آخِرت ۾ پيش ايندڙ معاملن کي ياد رکي ٿو ۽ بروزِ قيامت پيش ايندڙ سختين ۽ گھٻراهٽن کي هر دم پيشِ نظر رکي ٿو ته ان جي دل دنيا کان کڄي ويندي آهي۔ ٭ جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته توکي راحت ۽ سڪون ۽ عظيم نعمتون ملن ته رات جو گھٽ سمهندو ڪر ۽ شب بيداري کي پنهنجو معمول بڻائي وٺ۔ ٭ جڏهن توکي ڪو نصيحت ڪري، نيڪي جي دعوت ڏئي ۽ برائي کان منع ڪري ته ان جي دعوت قبول ڪر۔ ٭ تُون پنهنجي پوئنين جي رزق جي فڪر ۾ غمگين نه ٿيءُ ڇوته توکي انهن جي رزق جو مڪلف ناهي ٺاهيو ويو۔ ٭ تون پنهنجو پاڻ کي ان عظيم ڏينهن جي لاءِ تيار رک جڏهن تنهنجي ملاقات الله پاڪ سان ٿيندي، تون ان جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندين پوءِ توسان سوال جواب ٿيندا، ان سخت ڏينهن جي تياري ۾ هر وقت پاڻ کي مشغول رک۔ ٭ نيڪ عملن جي ڪثرت ڪر ۽ پنهنجي آخرت جي خزانن کي نيڪ عملن جي دولت سان جلد کان جلد ڀرڻ جي ڪوشش ڪر۔ ٭ فضول مصروفيات کي ڇڏي ڏي ۽ موت کان پهريان موت جي تياري ڪري وٺ نه ته بعد ۾ گھڻو پڇتائو ٿيندو۔ ٭ جنهن وقت تنهنجو روح نڪري رهيو هوندو ۽ ڳلي تائين پهچي وڃي ته تنهنجون تمام محبوب شيون جن جي تون خواهش ڪندو هئين هاڻي سڀئي دنيا ئي ۾ رهجي وينديون ۽ ان وقت تنهنجي حسرت اِنتها تائين پهچي چڪي هوندي تنهنڪري ان وقت کان پهريان آخرت جي تياري ڪري وٺ۔
(عيون الحڪايات،ص۱۵۱)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! واقعي خوش نصيب آهي اها اسلامي ڀيڻ انسان جيڪا هن فاني دنيا ۾ نيڪ عملن جي صورت ۾ هميشه رهڻ واري آخرت جي تياري ڪري وٺي، جيڪڏهن الله پاڪ جي رحمت شاملِ حال رهي ته نيڪ عملن جي برڪت سان قبر به بهتر ٿيندي، آخرت ۾ به ٻيڙو پار ٿيندو ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مڪي مدني آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پويان پويان جنت ۾ داخل ٿي وينديون سين۔
قُرآن ڪريم ۾ مختلف هنڌن تي بيان ٿيو آهي ته جيڪو چڱا عمل ڪندو ان