Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي سڃاتو ويندو هو۔ (تذڪره جميل ص ۱۸۶ملخصاً) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نهايت حسين و جميل شخصيت جا مالڪ هئا، ڳاڙهو ۽ سفيد چهرو مٿان وري سفيد ڏاڙھي جڳمڳ ڪندي نظر ايندي هئي، سندن جو مبارڪ چهرو نورِ مصطفيٰ جي جلوئن سان اهڙو روشن هو جو خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عرس جي موقعي تي ڪيئي غير مسلم پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نوراني چهرو ڏسي ئي اسلام قبول ڪري ورتو ۽ هي به چيائون ته اهو روشن چهرو ٻڌائي پيو ته اوهان حق ۽ صداقت ۽ روحانيت جي تصوير آهيو۔ (تذڪره جميل ص۱۹۷،۱۹۸ملخصاً) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عبادت گذار، شب بيدار ۽ تهجد گذار بزرگ هئا، پنهنجي والدِ ماجد امامِ اهلسنت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي موجودگي ۾ دارالعلوم منظر الاسلام جو سمورو انتظام سندن حوالي هو، دارلعلوم منظر الاسلام جا پاڻ نه صرف مهتمم هئا، بلڪ شيخ الحديث ۽ صدر المدرسين جي منصب تي پڻ فائز رهيا۔ (تذڪره جميل ص ۱۷۳ملخصاً) هڪ ڀيري سندن کي ڦرڙيءَ جي تڪليف ٿي، جنهن جو آپريشن ڪرڻ ضروري هيو۔ ڊاڪٽر بيهوشي جو اِنجڪشن لڳائڻ چاهيو ته مَنع فرمايائون، پاڻ دُرودوسلام جي وِرد ۾ مشغول ٿي ويا، هوش و حواس جي حالت ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ تائين آپريشن ٿيندو رهيو، دُرود شريف جي بَرَڪت سان ڪنهن قسم جي تڪليف جو پاڻ اظهار نه ٿيڻ ڏنائون۔ (تذڪرهٔ مشائخِ قادِريه رضويه، ص ۴۸۵) الله پاڪ سندن فيوض و برڪات سان اسان سڀني کي مستفيض فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مجلس مڪتوبات ۽تعويذاتِ عطّاريه
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت تي عمل ڪندي امت جي خير خواهي جي لاءِ ڪم و پيش 104 شعبن ۾ خدمت سرانجام ڏئي رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ ”مجلس مڪتوبات وتعويذاتِ عطّاريه“ به آهي هن مجلس جي تحت اسلامي ڀينرون ئي اسلامي ڀينرن جي غم خواري جي لاءِ تعويذات ۽ اوراد ۽ وظيفن جي ذريعي بيمارين ۽ پريشانين جو في سبيل الله روحاني علاج ڪنديون آهن. الله پاڪ ”مجلس مڪتوبات ۽ تعويذات عطاريه“ کي وڌيڪ ترقي ۽ عروج عطا فرمائي.