Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
تهڙو ڀريندؤ۔“ (مصنف عبدالرزاق،ڪتاب الجامع،باب الاغتياب والشتم،۱۰ / ۱۸۹،حديث: ۲۰۴۳۰)
حضرت علّامه عبدُالرؤوف مُناوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: يعني جهڙو توهان ڪندؤ تهڙو توهان کي ان جو بدلو ملندو، جيڪو توهان ڪنهن سان ڪندؤ اهو ئي توهان سان ٿيندو۔ (التيسير بشرح الجامع الصغير،۲/۲۲۲)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اسان کي گھرجي ته ٭ ڪنهن کي تڪليف نه ڏيون، ٭ ڪنهن جي شيء نه چوري ڪيون ، ٭ ڪنهن جي شيء تي بغير شرعي اجازت قبضو نه ڪريون، ٭ ڪنهن کي ڌوڪو نه ڏيون ٭ ڪنهن تي ڪوڙا اِلزام نه لڳايون، ٭ ڪنهن جو قرض نه ڦٻايون ٭ ڪنهن جي گھريلو زندگي زهر نه ڪيون ٭ ڪنهن جي باري ۾ بدگمانيون نه ڦهلايون ٭ ڪنهن جي دل نه ڏکايون ٭ ڪنهن جون پرپٺ برائيون نه ڪيون ٭ ڪنهن جو مذاق اڏائي ان جي عزت جو جنازو نه ڪڍون ٭ سازشون ڪري ڪنهن جي ترقي ۾ رڪاوٽ نه بڻجون ٭ ۽ ڪنهن جون برائيون ڦهلائي ان کي بدنام نه ڪريون ڇوته اڄ اسان جنهن سان جيئن ڪنديون سين ته سڀاڻي اهو ئي اسان سان به ٿي سگھي ٿو۔ ان جي ابتڙ جيڪڏهن اسان هر هڪ جي عزت جو تحفظ ڪنديون سين، هر امانت جو تحفظ ڪنديون سين ۽ وقت تي واپس موٽائينديون سين، هر هڪ اسلامي ڀيڻ سان سچ ڳالهاينديون سين، هر هڪ اسلامي ڀيڻ جو احترام (Respect) ڪنديون سين، هر هڪ جي باري ۾ حُسنِ ظن رکنديون سين، هر هڪ جي خيرخواهي ڪنديون سين ته ڪجھ بعيد ناهي ته اسان سان به هر هڪ اهو ئي ورتاؤ ڪرڻ لڳي۔ ياد رکو! جهڙي طرح برو عمل انسان تي برائي جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي اهڙي طرح چڱو عمل چڱائي جون ڪيئي صورتون بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ آخرِ ڪار چڱي عمل جي جزا ضرور ملندي آهي۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
اي فاني دنيا ۾ رهڻ وارا اسلامي ڀائرو! زندگي جو ڪو ڀروسو ناهي،