Achy Amaal Ki Barkten

Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

ڪنهن به نيڪ عمل کي معمولي سمجھي نظر انداز نه ڪرڻ گھرجي۔ ڇوته الله پاڪ جي رضا جي خاطر جيڪو به نيڪ عمل ڪيو ويندو آهي اهو ڪڏهن ضايع ناهي ويندو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سٺن عملن جون برڪتون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!معلوم ٿيو ته اخلاص سان ڪيا ويندڙ نيڪ عملن جي برڪت سان انسان وڏين وڏين مصيبتن کان بچي ويندو آهي۔ ٭ چڱن عملن جي برڪت سان الله پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي، ٭ چڱن عملن جي برڪت سان جنّت جون لازوال نعمتون نصيب ٿينديون آهن۔ ٭ چڱن عملن جي برڪت سان عذابِ قبر وحَشر کان نجات ملندي آهي، ٭ چڱا عمل گناهن جي مغفرت جو ذريعو آهن، ٭ چڱا عمل رحمتِ الٰهي جي نزول جو سبب آهن ٭ چڱن عملن جي بدلي دنيا ۽ آخرت ۾ سٺو بدلو ملندو آهي ٭ چڱا عمل قبر ۾ سٺيون سٺيون ۽ پياريون شڪلون اختيار ڪري ايندا ۽ راحت ۽ سڪون جو سبب بڻجندا، ٭ چڱن عملن جي سبب عمر ۾ اضافو ٿيندو آهي، ان ڪري چڱا عمل ڪرڻ ۾ دنيا ۽ آخرت ۾ سلامتي ۽ عافيت به آهي ۽ نجات به آهي۔

8مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”ماهانه تربيتي حلقو“

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! چڱي عملن جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ حصو وٺو، ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”ماهانه تربيتي حلقو“ به آهي هر مهيني جي ٽين جمعرات جو حلقي، علائقي يا شهر سطح تي تربيتي حلقي جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي. (دورانيو وڌ کان وڌ 2 ڪلاڪ آهي) جتي مدني مرڪز جي ڏنل طريقيڪار جي مطابق غسل، وضو، نماز سنتون، دعائون وڌيڪ عورتن جا شرعي مسئله وغيره درس ۽ بيان جو طريقو ۽ دعوت اسلامي جي اصطلاحات ۽ درست تلفظ سيکاريا ويندا آهن وڌيڪ شجره عطاريه جا اوراد ۽ وظيفه به ياد ڪرايا ويندا آهن اوهان به هنن تربيتي حلقن ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪيو ۽ پنهنجي زندگي کي سنتن جي مطابق گزارڻ جي ڪوشش ڪيو.