Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

                                                                            (شرح شجرہ قادریہ رضویہ ضیائیہ عطاریہ،ص۱۷۵)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                     صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! جهڙي طرح تعويذ ۽ وظائف مصيبتن، پريشانين ۽ بيمارين کان نجات ڏيارڻ ۾ فائديمند آهن، اهڙي طرح قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ به پريشانين ۽ بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين وظيفو آهي، تِلاوتِ قرآنِ پاڪ جي برڪت ۽ الله پاڪ جي رحمت سان اسان جا ڪيئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. جيئن ته

قرآن مان علاج

هڪ شخص مَڪِي مدني سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حلۡق (ڳلي) ۾ درد جي شڪايت ڪئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايايو: قرآن پڙهڻ اختيار ڪر. (شعب الایمان،۲/۵۱۹، حدیث:۲۵۸۰)

اهڙي طرح هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي ڪري عرض ڪيو: منهنجي سيني ۾ تڪليف آهي. ارشاد فرمايائين قرآن پڙهو، الله پاڪ فرمائي ٿو: وَشِفَآءٌ لِّمَافِی الصُّدُوْرِ (پ۱۱،یونس:۵۷) (ترجمو: ۽ دلين جي صحت).  (تفسیردرمنثور،يونس،تحت الآيه : ۵۷ ،۴/۳۶۶)  بلڪ قرآنِ ڪريم ته مختلف بيمارين جي بهترين دوا به آهي. جيئن ته

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  آهي: خَیْرُالدَّوَاءِ اَلْقُرْاٰنُ  يعني بهترين دَوا قرآنِ ڪريم آهي. (ابن ماجہ،كتاب الطب،باب الاستشفاء بالقرآن،۴/۱۱۶،حدیث:۳۵۰۱)ه

حضرت علامه عبد الرَّؤف مُناوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  هن حديث پاڪ جي تحت لکن ٿا: يعني بهترين تعويذ اُهو آهي، جيڪو ڪنهن قرآني آيت جي ذريعي سان ڪيو وڃي، جيئن ته

سيپاري 15 سورة بني اسرائيل جي آيت نمبر 82 ۾ ارشاد آهي:

وَ نُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْاٰنِ مَا هُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحْمَةٌ لِّلْمُؤْمِنِیْنَۙ