Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مصيبتن، تڪليفن، پريشانين، بيمارين، ۽ لاعلاج سجهيو ويندڙ مرضن کان نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان ڪنهن هڪ مدني ڪم جي ذميداري وٺو.

ياد رهي! ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”بعدِ فجر مدني حلقو“ به آهي جنهن ۾ نمازِ فجر جي جماعت کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ روزانو ٽن آيتن جي تلاوت سان گڏ ترجموڪنزالايمان ۽ تفسير خزائن العرفان، تفسير نور العرفان، يا تفسير صراط الجنان، درس فيضانِ سنت، منظوم شجرهءِ قادريه رضويه عطاريه پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي ترڪيب ٿيندي آهي. (ياد رهي! بعد فجر مدني حلقي ۾ صرف فيضانِ سنت مان ئي درس جي ترڪيب ٿيندي آهي)

  12 مدني ڪمن مان روزانو هن مدني ڪم ”بعدِ فجر مدني حلقو“ جي تفصيلي معلومات حاصل ڪرڻ جي لاٰءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ”بعدِ فجر مدني حلقه“ جو مطالعو فرمايو، تمام اسلامي ڀائر هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، هي رسالو مڪتبة المدينه تي دستياب هجڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙهي سگهجي ٿو. هن رسالي جي برڪت سان اوهان پڙهي سگهندؤ. ٭ بعدِ فجر مدني حلقو ڪنهن کي چوندا آهن.؟ ٭ مدني حلقو لڳائڻ جو طريقو، ٭ اسلاف جا مدني حلقا، ٭ مدني حلقي جي معمولات جي وضاحت، ٭ فيضانِ سنت جي متعلق مفيد ڳالهيون، ٭ شجرو شريف پڙهڻ جون برڪتون، ٭ دعا جا فائدا، ٭ اشراق ۽ چاشت جون برڪتون، ٭ مدني حلقا لڳائڻ جا فائدا ٭ مدني حلقا لڳائڻ جون ڪجهه احتياطون وغيره

               اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هن مدني حلقي جي برڪت سان مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو، ٭ بعدِ فجر مدني حلقي جي برڪت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو شرف حاصل ٿيندو، ٭ بعدِ فجر مَدني حلقو قرآنِ پاڪ کي ترجمي ۽ تفسير سان گڏ سمجهڻ جو بهترين ذريعو آهي، ٭ بعدِ فجر مدني حلقي جي برڪت سان مدني انعامات تي عمل ڪرڻ جو جذبو ملندو آهي، ٭ بعدِ فجر