Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

برڪت جي لاءِ مفيد آهي، سُوْرَهٔ قٓ  پڙهڻ سان باغ ۾ ميون جي ڪثرت ٿيندي آهي، سُوْرَۃُ الرَّحْمٰن 111 مرتبا پڙهڻ سان تمام مقصد پورا ٿي ويندا آهن، سُوْرَۃُالْواقِعَہ جيڪو شخص روزانو پڙهندو، اُن کي ڪڏهن به فاقو نه ٿيندو، سُوْرَۃُ الْمُلْک کي هر رات ۾ پڙهڻ وارو عذابِ قبر سان محفوظ رهندو، سُوْرَۃُالْمُزَّمِّل 111 مرتبا پڙهڻ سان هر مشڪل آسان ٿي ويندي آهي، سُوْرَۃُ الْمُدَّثِّر  کي پڙهي ڪري حفظِ قرآن جي دعا گهرڻ سان  قرآنِ ڪريم جو ياد ڪرڻ آسان ٿي ويندو، سُوْرَۃُالنّٰزِعٰت پڙهڻ سان سڪرات جي تڪليف نه ٿيندي، سُوْرَۃُ الضُّحیٰ  پڙهڻ سان ڀڄي ويل ماڻهو واپس اچي ويندو، سُوْرَۂ اَلَمۡ نَشۡرَح  کي جنهن مال تي پڙهيو وڃي، اُن ۾خوب برڪت ٿيندي، سُوْرَۃُالتِّیْن 3  ڀيرا پڙهڻ سان اخلاق ۽ ڪردار بهترين ٿيندا آهن، سُوْرَۃُ الْعَلَق ۾ جوڙن جي سور جو علاج آهي، سُوْرَۃُالْقَدۡر جيڪو صبح ۽ شام پڙهندو، الله پاڪ اُن جي عزت وڌائي ڇڏيندو، سُوْرَۃُ الْبَیِّنَہ ڪوڙھ ۽ يرقان جو علاج آهي، سُوْرَۃُ الزِّلْزال چوٿائي قرآن جي برابر آهي، جنهن ماڻهوءَ يا جانور کي نظر لڳي هجي، اُن تي  سُوْرَۃُالْعٰدِیٰت جو دم مفيد آهي، سُوْرَۃُ الْقارِعَہ پڙهڻ سان بلائن کان حفاظت رهندي آهي، سُوْرَۃُالتَّکَاثُر کي 300 ڀيرا پڙهڻ سان تمام جلد قرض اَدا ٿي ويندو آهي، سُوْرَۃُ الْعَصْر پڙهڻ سان غم دور ٿي ويندو آهي، سُوْرَۃُ الْھُمَزَہ ۽ سُوْرَۃُالْفِیْل  دشمن جي شر کان حِفاظَت ۽ سُوْرَۂ قُریش جان جي حِفاظت جي لاءِ مجرب آهي، سُوْرَۃُالْماعُوْن  وڏي مشڪل جي وقت پڙهڻ گهڻو مفيد آهي، سُوْرَۃُالْکَوثَر  جي تلاوت سان بي اولاد، صاحبِ اولاد