Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

ڪن جو (جڏهن ڪا مصيبت يا تڪليف اچي ته) صبر ۽ استقلال سان ڪم وٺن ۽ روڄ راڙو ڪري، ايندڙ ثواب کي هٿ سان نه (وڃڻ) ڏين۔ ايترو ته هر شخص ڄاڻي ٿو ته بي صبري سان آيل مصيبت ناهي ويندي پوءِ ان وڏي ثواب کان محرومي (جيڪو مصيبتن ۾ صبر ڪرڻ تي حديث ۾ بيان ڪيو ويو آهي) ٻي مصيبت آهي۔ (بهار شريعت، ڪتاب الجنائز، بيماري ڪا بيان، ۱/۷۹۹ )

اميراهلسنت، بانيِ دعوتِ اسلامي بَلائن ۽ مصيبتن ۾ گرفتار هجڻ وارن، معمولي پريشاني سان گهٻرائڻ وارن، ٿوري تڪليف تي ڪيئي شڪايتون

 ڪرڻ وارن کي سمجهائيندي ڪيڏي پياري سوچ ڏين ٿا ته:

ٹُوٹے گو سر پہ کوہِ بَلا صَبْر کر                                            اے مبلغ نہ تُو ڈگمگا صَبْر کر

لب پہ حرفِ شکایت نہ لا صَبْر کر                                      ہاں یہی سُنّتِ شاہِ ابرار ہے

 مختصر وضاحت: راهه خدا ۾ ڪيتري ئي وڏي مصيبت ۽ تڪليف پيش اچي وڃي تڏهن به صبر ئي ڪرڻ گهرجي. بلڪ زبان تي ڪا شڪوه شڪايت جي ڳالهه به نه اچڻ گهرجي ڇو ته هن راهه ۾ صبر ڪرڻ ۽ تڪليفن کي برداش ڪرڻ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ سنت آهي

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي نيڪي جي دعوت

          منقول آهي ته حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ کان دعا گھري هئي ته انهن کي اهڙي حڪومت عطا ڪئي وڃي جيڪا ڪنهن ٻئي کي نه ملي هجي۔ (پ۲۳، صٓ:۳۵) اهڙي بي مثل سلطنت جي دعا ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته اها سلطنت (Empire) به سندن جو معجزو هجي۔ (خزائن العرفان، ص۸۴۳) سندن جي اها دعا قبول ٿي، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي تيرهن (13) سالن جي عمر ۾ سلطنت عطا ڪئي وئي ۽ چاليھ سالن تائين سندن حڪومت رهي۔ (خازن، ۳/۴۰۴،