Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

ڪيون۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اچو ته! سڀ کان پهريان الله پاڪ جي پياري نبي، حضرت سيدنا نوح عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ ان جي نيڪي جي دعوت جي باري ۾ ٻڌون ٿا: جيئن

حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ نيڪي جي دعوت

حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام حضرت ادريس عَلَيۡهِ السَّلَام جا پڙپوٽا آهن۔ چاليھ يا پنجاھ سالن جي عمر ۾ پاڻ نبوت جو اعلان فرمايائون۔ (ماخوذ صراط الجنان،۳/۳۴۷) نَو سئو پنجاھ (950) سالن تائين پنهنجي قوم کي دعوت ڏيندا رهيا۔ (صراط الجنان،۴/۴۲۵) پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي قوم جي ماڻهن کي بُرائين کان روڪيو، انهن کي تقويٰ اختيار ڪرڻ ۽ باطل معبودن کي ڇڏي صرف واحد ۽ برحق معبودِ حقيقي جي عبادت ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ (پ ۲۹، نوح: ۲، ۳ مفھوماً) پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام هڪ وڏي عرصي تائين پنهنجي قوم کي تبليغ ڪندا رهيا۔ (پ۲۰، العنڪبوت:۱۴مفھوماً) ۽ تبليغ جي لاءِ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام  هر طريقو استعمال ڪيائون پر صرف ڪجھ خوش نصيبن ئي سندس تي ايمان آندو، ماڻهن جي اڪثريت حق ٻڌڻ ۽ مڃڻ لاءِ تيار نه هئي۔ (پ۱۲، ھود: ۴۰ملخصاً) بلڪ اهي بدنصيب ماڻهو طرح طرح سان سندن جي تحقير insult)) ڪندا ۽ طرح طرح جي اذيتن ۽ تڪليفن ذريعي اوهان کي ستائيندا هئا۔ ايستائين جو ڪيئي ڀيرا انهن ظالمن ايتري قدر ماريائون جو پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام بيهوش ٿي ويا، ماڻهن سندس کي مُرده سمجھي ڪپڙن ۾ ويڙهي گھر ۾ وجھي ڇڏيائون۔ جڏهن پاڻ هوش ۾ آيا ته وري گھر مان نڪري دين جي تبليغ ڪرڻ لڳا۔ اهڙي طرح ڪيئي ڀيرا پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جو ڳلو گُهٽيو ويو ايستائين جو سندن جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳندو هو ۽ پاڻ بيهوش ٿي ويندا هئا، پر انهن تڪليفن ۽ مصيبتن تي به پاڻ اها ئي دعا ڪندا هئا ته اي منهنجا پروردگار! تون منهنجي قوم کي بخشي ڇڏ ۽ هدايت عطا ڪر ڇوته هي مون کي نٿا سڃاڻن، جڏهن نَو سئو سال کان وڌيڪ عرصي