Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

          جڏهن فرعون خدا هجڻ جي دعوٰي ڪئي ته الله پاڪ پنهنجي پياري رسول حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي فرعون ڏانهن موڪليو۔ (پ۱۵،طه:۴۴) حضرت موسي عَلَيۡهِ السَّلَام دينِ حق جي دعوت ڏيڻ لاءِ فرعون جي محل (Palace) پهتا، اتي هو پنهنجي قوم جي معزز ماڻهن سان گڏ موجود هو. (خازن، ۳/۳۸۵ ملخصاً) حضرت موسي عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: الله پاڪ مون کي رسول بڻائي موڪليو آهي ۽ مان توهان وٽ ان جو پيغام کڻي آيو آهيان۔ (خازن،۲/۱۲۴) فرعون چيو ته مان پاڻ ئي خدا آهيان ۽ اهو به ياد رک جيڪڏهن تو انڪار ڪيو ته مان توکي قيد ڪري ڇڏيندس۔ (پ۱۹، الشعراء:۲۹مفهوماً) جڏهن فرعون حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جون ڳالهيون مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي قيد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ته حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام فرعون کي فرمايو: مون کي منهنجي رب معجزا عطا ڪيا آهن، فرعون چيو: اسان کي به ڏيکاريو اهي معجزا ڪهڙا آهن؟ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي لٺ زمين تي اڇلائي ته اها تمام وڏو نانگ بڻجي وئي ۽ جڏهن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام نانگ کي پڪڙيائون ته ٻيهر لٺ بڻجي وئي، فرعون چيو: ٻيو به ڪجھ آندو اَٿَوَ؟ ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي هٿ کي گريبان ۾ وجھي ڪڍيائون ته هٿ سج جيان چمڪڻ لڳو۔ (پ۱۹، الشعراء: ۲۹ تا ۳۳ ملخصاً) حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن پنهنجا معجزا ڏيکاري چڪا ته فرعون سردارن کي چيو: هي ته جادوگر آهي ۽ پنهنجي جادوءَ جي زور تي توهان کان توهان جو ملڪ کسڻ چاهي ٿو، مشورو ڏيو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ (پ۱۹، الشعراء :۳۴تا۳۵ ملخصاً) سردارن ان کي شهرن مان جادوگرن کي گهرائڻ جو مشورو ڏنو، جڏهن تمام جادوگر گڏ ٿي ويا ته ماڻهن ۾ ميلي جو اعلان ڪيو ويو ۽ اعلان ڪيو ويو ته سڀ ماڻهو ميلي واري ڏينهن گڏ ٿي وڃن۔ (پ۱۹، الشعراء :۳۶تا۳۹ ملخصاً) جڏهن ميلي واري ڏينهن سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا ۽ مقابلو ٿيو ته جادوگرن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي سامهون پنهنجون رسيون ۽ ڪاٺيون اڇلايون، انهن پنهنجي جادوءَ جو ايترو زبردست مظاهرو ڪيو جو ڏسڻ وارن کي ميدان ۾ نانگ ئي نانگ نظر اچڻ لڳا۔ (خازن،۲/۱۲۷) حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي لٺ زمين تي اڇلائي ته اها تمام وڏو نانگ بڻجي وئي. (پ۱۹، الشعراء: ۳۲) ۽ تمام نانگن (Snakes) کي