Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

ڪوشش ڪري۔ ٭ مبلغ کي گھرجي ته هميشه الله پاڪ جي رحمت تي نظر رکي ۽ مايوسي کي ويجھو به نه اچڻ ڏي۔ (ماخوذ از سرڪار ڪا اندازِ تبليغِ دين، ص ۲۰ تا ۲۴)

عمل کا ہو جذبہ عَطا یاالٰہی!                                     گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت                     ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی!

نہ نیکی کی دعوت میں سُستی ہو مجھ سے                    بنا شائقِ قافلہ یاالٰہی!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِڪاف“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي دنيا ۽ آخرت کي سنوارڻ، نيڪي جي دعوت جو جذبو ماڻڻ ۽ بگڙيل ماڻهن جي اِصلاح جو سبب بڻجي پاڻ کي جنَّت جو حقدار بڻائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ

 حِصّو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف“ به آهي۔ موڪل واري ڏينهن شهر جي مختلف ۽ قريبي علائقن ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي مسجدن کي آباد ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي عاشقان رسول کي نيڪي جي دعوت ڏئي علم دين سکڻ سيکارڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي. ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ يوْمِ تَعطِيل اِعتِـڪاف اسلامي ڀائرن کي سُنّتون، آداب ۽ مَدَني دَرس وغيره جو طريقو سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي. ٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِدون آباد ٿين ٿيون. ٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجد ۾ گذرندڙ هر هر لَمحو عِبادَت ۾ شُمار ٿيندو. ٭يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِد سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجو گھڻي کان گھڻو وَقت گُذارڻ جي فضيلت حاصل ٿيندي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ