Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان

 محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے                               بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

اذان جون سُنّتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ته! اذان جون سنتون ۽ آداب بابت ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظو ڪريو: ٭ فرمايائون: ثواب جي خاطر اذان ڏيڻ وارو ان شهيد جيان آهي جيڪو رت ۾ لِٿڙيل هجي ۽ جڏهن مرندو ته قبر اندر ان جي جسم ۾ ڪيڙا نه پوندا۔ (اَلْمُعْجَمُ الْڪبِير لِلطّبَراني،۱۲/۳۲۲،حديث: ۱۳۵۵۴) ٭ فرمايائون: مان جنّت ۾ ويس، اتي موتين جا گنبذ ڏٺم، ان جي مٽي مُشڪ جي آهي، پڇا ڪيم ته اي جبريل! هي ڪنهن جي لاءِ آهن؟ عرض ڪيائين؛ توهان جي امت جي مُؤذِنن ۽ امامن جي لاءِ آهن۔ (اَلْجامِعُ الصَّغِير لِلسُّيوطي، ص۲۵۵حديث: ۴۱۷۹) ٭ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سفر ۾ هڪ دفعو اذان ڏني ۽ ڪلمو شهادت هيئن چيو؛ اَشْھَدُ اَنِّیْ رَسُوْلُ الله (مان گواهي ڏيان ٿو ته مان الله جو رسول آهيان)۔ (فتاوٰي رضويه مُخَرَّجه،۵/۳۷۵) ٭ جنهن ڳوٺ ۾ اَذان ڏني وڃي، الله پاڪ پنهنجي عذاب کان ان ڏينهن ان کي امن ڏيندو آهي۔ (اَلْمُعْجَمُ الْڪبِير لِلطّبَراني،۱/۲۵۷ ،حديث ۷۴۶) ٭ پنج ئي فرض نمازون انهن ۾ جمعو به شامل آهي جڏهن جماعت اوليٰ (پهرين جماعت) سان مسجد ۾ وقت تي ادا ڪيون وڃن ته انهن جي لاءِ اذان سنّت مؤڪَّده آهي، ان جو حڪم واجب وانگر آهي جيڪڏهن اذان نه ڏني وئي ته اتي جا سڀ ماڻهو گناھگار ٿيندا۔ (الفتاوي الھنديۃ، ڪتاب الصلاۃ، الباب الثاني، الفصل الاول