Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

سگهندو يا هن جي ڪري فتنو فساد پيدا ٿيندو، پاڻ ۾ لڙائي ٿي پوندي، تڏهن به نيڪي

 جي دعوت ڇڏڻ افضل آهي ۽ ٭ جيڪڏهن معلوم هجي ته اهي ماڻهو جن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏني ويندي جيڪڏهن ان کي ماريندا  ته صبر ڪندو، ته  ان صورت ۾ انهن ماڻهن کي بري ڪمن کان منع ڪري ۽ اهڙو شخص مجاهد آهي ۽  ٭جيڪڏهن معلوم آهي ته هو نه مڃيندا ۽ نه ماريندا ۽ نه گاريون ڏيندا، ته ان صورت ۾ ان کي اختيار آهي ۽ افضل هي آهي ته نيڪيءَ جي دعوت ڏي ۽ برائيءَ کان منع ڪري. (بهارِ شريعت، ج 3 صفحو215 بتغير)

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شريعت جي ٻڌايل اصولن جي مطابق ڏني ويندڙ نيڪيءَ جي دعوت ۾ مصروفيت قبر ۽ آخرت جي ڪيئي غمن سان چوٽڪاري جو سبب بڻجي سگهي ٿي.  جڏهن ته نيڪيءَ جي دعوت کي ترڪ ڪري ڇڏڻ دين ۽ دنيا جي ڪيئي نقصان جو باعث بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته نيڪيءَ جي دعوت ترڪ ڪرڻ  گناهن جي وڌڻ جو سبب آهي. نيڪيءَ جي دعوت ترڪ ڪرڻ  معاشري جي بگاڙ جو باعث آهي. نيڪيءَ جي دعوت ترڪ ڪرڻ دنيا ۽ آخرت جي نقصان جو باعث آهي، نيڪيءَ جي دعوت ترڪ ڪرڻ  جرائم جي وڌڻ جو سبب آهي ۽ نيڪيءَ جي دعوت ترڪ ڪرڻ  ثوابِ عظيم سان محرومي جو سبب آهي. لهٰذا عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي مدني ماحول  سان وابسته رهو ۽ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائيندا رهو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوتِ اسلامي  جي مدني ماحول ۾ رهندي نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جا ڪيئي موقعا اسان کي ميسر ايندا رهندا آهن، اسان کي پنهنجي روزانو جي ڪمن مان ڪجھ نه ڪجھ وقت ته هن عظيم مدني ڪم جي لاءِ  ضرور ڪڍڻ گهرجي ، جنهن کي جيتري ۽ جيئن سهولت ميسر هجي، دينِ جي خدمت جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي پيش ڪرڻ گهرجي ۽ 12 مدني ڪمن جون ڌومون مچائڻ گهرجن، ڪٿي صدائي مدينه جي ذريعي اسان مسجدن کي