Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

نيڪي جي دعوت جا فائدا، صورتون ۽ ترڪ ڪرڻ جانقصان

   نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جا وڏا فائدا آهن، نيڪي جي دعوت ڏيڻ الله وارن جي صفتن مان آهي، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ڀلي عبادت آهي، نيڪي جي دعوت ڏيڻ صدقهءِ جاريه جو ذريعو آهي. نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ٻين سان گڏوگڏ پنهنجي اصلاح جو باعث به  بڻجندو آهي. نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان  عظيم خيرخواهي آهي. نيڪي جي دعوت ڏيڻ درجن جي بلندي جو باعث آهي. نيڪي جي دعوت ڏيڻ  نبيين سڳورن عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي سنت آهي. نيڪي جي دعوت ڏيڻ الله ڪريم جي بارگاه ۾ محبوب عمل آهي. نيڪي جي دعوت ڏيڻ سان شيطان جي مخالفت ٿيندي آهي. نيڪي جي دعوت ڏيڻ سان شيطاني ڪمن جو خاتمو ٿيندو آهي. نيڪي جي دعوت ڏيڻ سان معاشري ۾ اصلاح جو ٻوٽو وڌندو ويندو آهي. نيڪي جي دعوت ڏيڻ سان ٻانهو الله پاڪ جي رحمتن برڪتن جو مستحق ٿيندو آهي.

تنهنڪري موقعي مناسب سان نيڪيءَ جي دعوت ڏيندي رهڻ گهرجي، مڪتبة المدينه جي ڪتاب بهارِ شريعت جلد نمبر 3 صفحي 615 تي آهي ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ برائي کان منع ڪرڻ جون ڪيئي صورتون آهن.

٭ جيڪڏهن غالب گمان هي آهي ته هي( نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارو) ان کي چوندو ته هو ان جي ڳالھ مڃي ويندو ۽ بري ڳالھ کان رڪجي ويندو، ته نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ  واجب آهي ۽ نيڪيءَ جي دعوت کان رڪجي وڃڻ جائز ناهي.

 ٭جيڪڏهن غالب گمان هي آهي ته جنهن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيندو ته هو طرحين طرحين  جون تهمتون هڻندو ۽ گاريون ڏيندو ته ان صورت ۾ نيڪيءَ جي دعوت ترڪ ڪرڻ افضل آهي.

٭ جيڪڏهن هي معلوم آهي ته هو ان  کي ماريندا ۽ هي صبر نه ڪري