Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

هميشه حڪمت ۽ تدبير (strategy) کي مدِ نظر رکڻ گھرجي، ڪڏهن ته حڪمت ۽ دور انديشي جي مدني سوچ وڏين وڏين رڪاوٽن کان بچائي وٺندي آهي۔ ان ڪري موقعي مناسبت سان حڪمتِ عملي ۽ مضبوط تدبير سان به ڪم وٺڻ گھرجي۔ قرآنِ پاڪ ۾ به هن جي ترغيب ڏياري وئي آهي۔ جيئن سيپاري 14، النحل آيت 125 ۾ ارشاد آهي:

اُدْعُ اِلٰى سَبِیْلِ رَبِّكَ بِالْحِكْمَةِ وَ الْمَوْعِظَةِ الْحَسَنَةِ وَ جَادِلْهُمْ بِالَّتِیْ هِیَ اَحْسَنُؕ- (پ۱۴،النحل :۱۲۵)

ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان ۽ انهن سان بحث ڪر انهيءَ طريقي سان جيڪو سڀ کان سهڻو هجي.

تفسيرِ صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري جي تحت آهي: هن آيت ۾ ٽن طريقن سان ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ جو حڪم فرمايو ويو آهي۔ (1) حڪمت سان گڏ: هن مان اهو مضبوط دليل مراد آهي جيڪو حق کي واضح ۽ شُبهات (يعني وسوسن) کي ختم ڪري ڇڏي۔ (2) چڱي نصيحت سان گڏ: هن مان مراد ترغيب ۽ ترهيب آهي يعني ڪنهن ڪم کي ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۽ ڪو ڪم ڪرڻ کان ڊيڄارڻ. (3) سڀ کان سٺي طريقي سان بحث: ڪرڻ سان گڏ۔ هن مان مراد اهو آهي ته الله پاڪ جي طرف ان جي آيتن ۽ دليل سان سڏين۔ (صراط الجنان، ۵/۴۰۳ بتغير)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪڏهن اسان قرآن جي ٻڌايل هنن ٽن ڳالهين کي سامهون رکڻ شروع ڪري ڏيون ته اسان جي ڏنل نيڪي جي دعوت ۾ پهريان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ اثر پيدا ٿي سگھي ٿو۔ اچو ته! حڪمتِ عملي ۽ نرم گفتگو سان لبريز نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو هڪ حيرت انگيز واقعو ٻڌون ٿا۔

مٺي ٻول جون برڪتون

خُراســان جي هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي خواب ۾ حڪم مليو ”تَاتَارِي قوم