Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                  صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان ”انبياءِ ڪرام جي نيڪي جي دعوت جي واقعن“ جي باري ۾ ٻڌنداسين۔ حضرت نوح عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پنهنجي قوم کي ڪيتري عرصي تائين دين جي دعوت ڏيندا رهيا ۽ سندن قوم پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام سان ڪهڙو سلوڪ ڪندي هئي، حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام ڪهڙي طرح بهترين حڪمتِ عملي سان مَلڪهَ سَبَا کي دين جي دعوت ڏنائين ۽ اها ڪيئن پنهنجي قوم سان گڏ سندن عَلَيۡهِ السَّلَام تي ايمان آندائين۔ اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي دين جي دعوت ڏيڻ تي ڪيترو ستايو ويو ۽ پاڻ انهن ستائڻ وارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيائون۔ ان سان گڏوگڏ نيڪي جي دعوت تي مشتمل وڌيڪ ڪيئي مدني گل به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ الله ڪري ته اسان سڄو بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل