Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

جنگ اُحد کان به سخت ڏينهن

ان سفر جي طويل عرصي کان بعد هڪ ڀيري اُمُّ الۡمُومِنِين حضرت سَيدَتُنا عَائِشه صِدّيقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جن حُضُورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇا ڪئي ته يارَسُولَ اللہ! صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڇا جنگِ اُحد جي ڏينهن کان به وڌيڪ سخت ڪو ڏينهن توهان تي گذريو آہي؟ ته سَرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو ته ہا عَائِشه! رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا! اهو ڏينهن منهنجي لاءِ جنگ ِاُحد جي ڏينهن کان به وڌيڪ سخت هو، جڏهن آئون طائف ۾ اُتي جي هڪ سردار ”اِبۡنِ عَبۡدِ يالِيل“ کي اسلام جي دعوت ڏني۔ ان دعوتِ اسلام کي حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو ۽ اہلِ طائف مون تي پٿراؤ ڪيو۔ مان ان رنج ۽ غم ۾ سرجھڪائي هلندو رهيس، ايستائين جو مقام ”قَرۡنُ الثَّعالِب“ ۾ پہچي ڪري مون کي ہوش و حواس آيو۔ اُتي پهچي ڪري جڏهن مون مٿو کنيو ته ڇا ٿو ڏسان ته هڪ ڪڪر مون تي ڇانَو ڪيل آهي، ان ڪڪر مان حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام جن مون کي آواز ڏنو ۽ چيو ته اللہ تَعاليٰ توهان جي قوم جو قول ۽ ان جو جواب ٻُڌي ورتو ۽ هاڻي توهان جي خدمت ۾ پہاڙن جو فرشتو حاضر آہي ته جيئن اهو توهان جي حڪم جي تعميل ڪري ۔ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو بيان آهي ته پہاڙن جو فرشتو مون کي سلام عرض ڪرڻ لڳو ته اي محمد! (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جيڪڏهن توهان چاہيو ٿا ته آئون ”اَخۡشَبَين“ (ابُو قُبَيس ۽ قُعَيقِعان) ٻنهي پہاڙن کي ان ڪافرن تي اونڌو ڪري ڇڏيان ته آئون ائين ڪري ٿو ڇڏيان۔ هي ٻُڌي ڪري حضور رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جواب ڏنو ته نه، بلڪه آئون اميد ڪريان ٿو ته اللہ تعاليٰ انهن جي نسلن مان پنهنجي اهڙن ٻانهن کي پيدا فرمائيندو، جيڪي صرف اللہ تعاليٰ جي ئي عبادت ڪندا ۽ شرڪ نه ڪندا۔

 (صحيح البخاري ، ڪتاب بدء الخلق، باب اذا قال احدڪم اٰمين...الخ، ۲/۳۸۶، الحديث:۳۲۳۱)

حَق کی راہ میں پتَّھر کھائے خُوں میں نہائے طائف میں

دِین کا کتنی مِحنَت سے کام آپ نے اے سلطان کیا