Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

۾ اسلام جي دعوت پيش ڪيو“ ان وقت اِقتدار جون واڳون هلاڪو جي پٽ تڳودار جي هٿ ۾ هيون، اهي بزرگ سفر ڪري تڳودار وٽ پهتا، سنّتن جي پيڪر باريش(ڏاڙهي واري) مسلمان مبلغ کي ڏسي ان کي مَسخري لڳي ۽ چوڻ لڳو ”اهو ته ٻُڌاءِ تنهنجي ڏاڙهي جا وار ڀلا يا منهنجي ڪتي جو پُڇ!“ ڳالهه جيتوڻيڪ ڪاوڙ ڏيارڻ واري هئـي پـر اهـو سـمـجـهدار مبلغ هئو، تنـهـنڪـري نـهايـت ئـي نرميءَ سان فرمايائون ”مان به پنهنجي خالق ۽ مالڪ الله پاڪ جو ڪُتو آهيان جيڪڏهن جان نِثَاري ۽ وفاداري سان ان کي خوش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته مان ڀلو نه ته پوءِ توهان جي ڪُتي جو پُڇ ئي مون کان ڀلو“ تنهنڪري سندن زبان مان نڪتل مِٺڙا ٻول تاثير جا تير بڻجي

 تڳودار جي دل تي اثر ڪرڻ لڳا، جڏهن ان کي پنهنجن ”زهريلن ڪَنڊن“ جي جواب ۾ باعمل مُبلغ طرفان ”خوشبودار مَدنِي گل“ مليا ته اهو ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ نرمي سان چيائين : توهان منهنجا مهمان آهيو ۽ مون وٽ ئي قيام ڪيو، پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان وٽ رهڻ لڳا، تڳودار روزانو رات جو سندن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو ۽ پاڻ نِهايت شفقت سان ان کي نيڪي جي دعوت پيش ڪندا هئا، سندن جي انفرادي ڪوشش تڳودار جي دل ۾ مدنِي اِنقلاب پيدا ڪري ڇڏيو، ساڳيو تڳودار جيڪو اڳ ۾ اسلام کي دنيا جي نَقشــي تان مٽائڻ چاهي پيو، سو اڄ اسلام جو شيدائي بڻـجي چڪو هوـ ان ئي باعمل مبلغ جي هٿ تي تڳودار پنهنجي سڄي قوم سميت مسلمان ٿي ويوـ ان جو اسلامي نالو ”احمد“ رکيو ويو۔ (غيبت ڪي تباه ڪارياں، ص۱۵۴بتغيرقليل)

مبلغ کي ڪيئن هئڻ گھرجي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً جيڪڏهن تڳودار جي تلخ جملي تي اهي بُزُرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪاوڙ ۾ اچن ها ته هر گز اهي مَدَني نتيجا ظاهر نه ٿين ها۔ تنهنڪري ڪو ڪيتري ئي ڪاوڙ ڏياري اسان کي پنهنجي زَبان قابو ۾ ئي رکڻ گھرجي جو زبان جڏهن بي قابو ٿي ويندي آهي ته بعض اوقات ٺهيل ٺڪيل ڪم به بگاڙي ڇڏيندي آهي۔