Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

گھرجي، اهو پاڙي ۾ هجي يا بازار ۾، جنازي ۾ هجي يا شادي واري ڄڃ ۾، دواخاني ۾ هجي يا اسپتال (Hospital) ۾، باغ ۾ هجي يا ڪنهن جي تدفين جي لاءِ قبرستان ۾ هر هنڌ ان کي سنتن جو آئينه دار هئڻ گھرجي ۽ موقعي جي مناسبت سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۾ شرم به نه ڪرڻ گھرجي۔ هڪ مبلغ کي ڪهڙين وصفن سان متصف هئڻ گھرجي، اچوته ! انهن مان ڪجھ ٻڌون ٿا:

٭ مبلغ ارڪانِ اسلام(يعني نماز، روزن وغيره) جو پابند ۽ سُنَّتِ رسُول جو حقيقي آئينه دار هجي، ڇوته علم جي زيور سان گڏ عمل جي قوت دعوت کي وڌيڪ اثرائتو ۽ ڪارآمد بڻائيندي آهي۔ ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ وقت خالص الله پاڪ جي رِضا جي نيت تي دِلي توجھ رهي، ان عظيم ڪم جي صلي (بدلي) ۾ ڪنهن دُنيوي مال ۽ عزت يا ڏيکاءُ جو طالب نه هجي بلڪ صرف

 بارگاھ خداوندي مان اَجرو ثواب جو اُمّيدوار هجي ۽ هن عالمگير مدني مقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي“جي بجا آوري جي لاءِ حقيقي جذبي سان سرشار هجي۔ ٭ مبلغ پنهنجي علم جي ڪثرت، زورِ بيان ۽ صلاحيت ۽ قابليت تي نه بلڪ الله پاڪ تي توڪل ڪرڻ وارو هجي ڇوته اهو ئي هدايت ڏيڻ وارو آهي۔ ٭ مبلغ حُسنِ اخلاق جو پيڪر ۽ نرمي جو عادي هجي۔ ٭ مبلغ کي ڪڏهن راھ خدا ۾ ڪا مشڪل پيش اچي، ڪنهن سخت گفتگو ڪرڻ واري سان واسِطو پوي ته صبر ڪرڻ وارو هجي۔ ٭ مبلغ جي لاءِ ضروري آهي ته حالات ڏسي ۽ موقعو مناسبت ڏسي ان جي مطابق گفتگو ڪري۔ مبلغ کي پاڻ ڪنهن بحث وتڪرار ۾ نه اُلجھڻ گھرجي بلڪه ان جي لاءِ ڪنهن صحيح العقيده سني عالِم صاحِب وٽ وڃڻ جو مشورو ڏي۔ ٭ مبلغ جتي به ڪا برائي ڏسي پنهنجي طاقت ۽ حيثيت جي مطابق نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي ضرور