Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

هڪ مدني گل هن حڪايت مان هي به مليو ته نيڪي جي دعوت ڏيندي ڪڏهن تلخ لهجن، سخت جملن، منهن بگاڙڻ ۽ نيڪي جي دعوت قبول ڪرڻ کان منهن موڙڻ وارن ماڻهن سان به واسطو پوندو آهي۔ اهڙي صورت ۾ به صبر جو دامن هٿ کان نه ڇڏڻ گھرجي، دل وڏو ڪرڻ گھرجي، همت ۽ حوصلي سان ڪم وٺڻ گھرجي ۽ ان عظيم ڪم جي اهميت کي سمجھندي اخلاص سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ تي ئي توجھ رکڻ گھرجي۔ ياد رکو! نيڪي جي دعوت ڏيڻ اهڙو بهترين ڪم آهي جنهن ۾ ناڪامي ته ٿي ئي نٿي سگھي۔ ڇوته سٺي نيت جي صورت ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارو ثوابِ

 آخِرت جو حقدار ته ٿي ئي ويندو آهي۔ حُجَّةُ الاِسلام حضرت سيدُنا امام ابو حامد محمد بن محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نقل ڪن ٿا: ڪنهن بُزُرگ پنهنجي فرزند کي نصيحت جو مَدَني گل عنايت ڪندي فرمايائون: ”نيڪي جي دعوت“ ڏيڻ واري کي گھرجي ته پنهنجو پاڻ کي صَبر جو عادي بڻائي ۽ الله پاڪ جي طرفان نيڪي جي دعوت جي ملڻ واري ثواب تي يقين رکي۔ جنهن کي ثواب جو ڪامِل يقين هجي، ان کي ان مبارَڪ ڪم ۾ تڪليف محسوس ناهي ٿيندي۔ (اِحياءُ العُلوم ج۲ ص ۴۱۰) ماڻهن جي ايذاء جي ڪري تبليغ کان پاسو نه ڪرڻ گھرجي ڇوته حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام تڪليفون برداشت ڪرڻ جي باوجود ساڍا نَو سئو سال تائين تبليغ فرمائي۔ تبليغِ دين جي لاءِ جرئت ۽ همت جي ضرورت هوندي آهي، بُزدل ۽ ڊڄڻو ماڻهو تبليغ جو حق ادا نٿو ڪري سگھي۔ (صراط الجنان ،۴/۳۵۸) نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو معاملو هجي يا برائي کان منع ڪرڻ جو، هر صورت ۾ نرمي کي پيشِ نظر رکڻ گھرجي جو نرمي جا جيڪي فائدا آهن اهي سختي کان هرگز حاصل نٿا ٿي سگھن۔

اهڙي طرح اها ڳالھ به ذهن نشين رکڻ گهرجي ڇوته مبلِّغ کي هر هنڌ مبلِّغ ئي هئڻ گھرجي، ان کي هر وَقت هر هنڌ پنهنجو لباس ۽ پنهنجو انداز سنّتن ڀريو رکڻ