Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

في صفته واحوال المؤذن،۱/۵۳) ٭ جيڪڏهن ڪو شخص شهر جي اندر گھر ۾ نماز پڙهي ته اتان جي مسجد جي اذان ان جي لاءِ ڪافي آهي پر اذان چوڻ مستحب آهي۔ (رَدُّالْمُحتار،۲/ ۶۲،۷۸) ٭ اذان وقت شروع ٿيڻ کان پوءِ ڏيو، جيڪڏهن وقت کان اڳ ۾ ڏئي ڇڏي يا وقت کان اڳ ۾ شروع ڪئي ۽ اذان جي دؤران وقت اچي ويو، ٻنهي صورتن ۾ اذان ٻيهر ڏيڻي پوندي۔ (الهدايۃ،۱/ ۴۵) ٭ عورتون پنهنجي نماز ادا پڙهنديون هجن يا قضا ان ۾ انهن جي لاءِ اذان ۽ اقامت چوڻ مڪروه آهي۔ (دُرِّمُختار ،۲/ ۷۲) ٭ سمجهدار ٻار به اذان ڏئي سگهي ٿو۔ (دُرِّمُختار،۲/ ۷۵) ٭ بي وضو جي اذان صحيح آهي پر بي وضوءَ جو اذان ڏيڻ مڪروه آهي۔ (قانون شريعت ،ص۱۵۸) ٭ اذان دؤران ڪنن ۾ آڱريون وجھڻ مسنون ۽ مستحب آهن پر هلائڻ ۽ گھمائڻ فضول حرڪت آهي۔(فتاويٰ رضويه،۵/ ۳۷۳) ٭ فجر جي اذان ۾ حَـيَّ عَـلَي الْفَـلَاحِ کان پوءِ اَلصَّلٰوةُ خَـيْرٌ مِّنَ النَّوْم چوڻ مستحب آهي۔ (درمختار ج 2 ص 67) جيڪڏهن نه چيو ويو تڏهن به اذان ٿي ويندي۔ (قانونِ شريعت ص ۱۵۷)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرحين طرحين جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتي جي بَيان جو موضوع هوندو ”غوث پاڪ جو خاندان“ جنهن ۾ اسان سرڪارِ بغداد، حُضُورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خاندان“ جي شان ۽ عظمت مثال طور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي