Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

رونا مُصیبت کا مَت رو تُو پیارے نبی کے دیوانے!

کَرب و بلا والے شہزادوں پر بھی تُو نے دھیان دیا

پیارے مُبلِّغ معمولی سی مُشکِل پر گھبراتا ہے

دیکھ حُسین نے دِین کی خاطِر سارا گھر قُربان کیا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان جتي سرڪارِ نامدار، ٻنهي جهانن جي مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو عظيم جذبو ظاهر ٿي رهيو آهي۔ اتي پاڻ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جو ڪمال حلم ۽ عفو و درگزر به ظاهر ٿي رهيو آهي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سڄي زندگي صبر ۽ تحمل سان ڀريل آهي، ڪافرن پاڻ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام تي ظلم ۽ ستم تمام گھڻو ڪيو، پٿر وسايا، راھ ۾ ڪنڊا وڇايا، مبارڪ جسم تي نجاست وڌي، ڊيڄاريو ڌمڪايو، گاريون ڏنيون ويون، قتل جون سازشون ڪيون پر ڪائنات جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن ڪا انتقامي ڪاروائي نه ڪئي، پاڻ به صبر سان ڪم ورتائون ۽ باقي دنيا تائين پنهنجي مڃڻ وارن کي مصيبتن ۾ صبر جي تلقين ارشاد فرمائي۔ پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ آهي: جنهن کي ڪا مصيبت پهچي ان کي گھرجي ته پنهنجي مصيبت جي مقابلي ۾ منهنجي مصيبت ياد ڪري بيشڪ اها سڀ مصيبتن کان وڌيڪ آهي۔ (الجامع الڪبير،۷/۹۸،حديث:۲۱۳۴۶) ياد رکو! انفرادي زندگي هجي يا اجتماعي، گھريلو هجي يا سماجي، صبر جي بغير زندگي جو ڪتاب نامڪمل رهي ٿو۔ اڄ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان هر وقت صبر جو دامن پڪڙي رکون، مصيبتون، پريشانيون، اجايون مخالفتون ۽ غم سامهون ايندا ئي رهندا، صبر انهن تمام شين جو بهترين جواب آهي۔ الله پاڪ اسان کي صبر جي دولت عطا فرمائي۔